پراپرٽي شعبي کي پاڪستان جي معيشت ۾ هڪ اهم شعبو سمجهي وڃي ٿو، جنهن جو سڌيءَ ريت تعلق روزگار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ عوام جي معيشت سان آهي. ملڪ ۾ پراپرٽي جي شعبو نون تعميراتي منصوبن، رهائشي ۽ تجارتي عمارتن، سرڪاري ۽ خانگي سرمائيڪاري کان متاثر ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ وڏا ترقياتي قدم کنيا پيا آهن پر ان سڀني اهميتن باوجود، هن شعبي کي ڪيترن ئي چيلينجز ۽ مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي، جيڪي ان جي ترقي کي محدود ڪري رهيا آهن.
پراپرٽي شعبي جي اهميت ۽ معيشت ۾ ڪردار:
پراپرٽي شعبو پاڪستان جي معيشت ۾ ڪيترن ئي طريقن سان اهميت رکندو آهي. هي شعبو نه رڳو عوام جي رهائش، بلڪه تجارتي سرگرمين ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جڏهن نيون عمارتون ۽ تجارتي پلازا تعمير ٿين ٿا ته ان سان نه رڳو مقامي معيشت ۾ واڌارو ٿيندو آهي پر ان سان روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا آهن، جنهن ۾ مزدور، ڊيزائنرز، انجنيئرز، بلڊرز، ايجنٽس، ۽ ڪيترائي ٻيا شعبا شامل هجن ٿا.
پراپرٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري پڻ ملڪ ۾ سرمائيڪاري جو هڪ اهم ذريعو بڻجي چڪي آهي، جڏهن وڏي مقدار ۾ سيڙپڪاري پراپرٽي ۾ ڪئي وڃي ٿي ته ان سان مالياتي ادارن کي به فائدو ملندو آهي، جئين ٻيون صنعتون ۽ تجارتي ادارا پڻ ان سان جڙيل هوندا آهن. ان کان علاوه، حڪومت لاءِ ٽيڪس ۾ اضافو پڻ ممڪن بڻجي ٿو، جنهن سان حڪومت جي آمدني ۾ واڌارو ٿيندو آهي ۽ قومي خزاني کي مضبوط ڪري ٿو.
موجوده صورتحال_چيلينجز ۽ مسئلا:
هن وقت، پراپرٽي شعبي کي ڪيترا چيلينجز ۽ مسئلا سامهون آهن، جن ۾ شامل آهن:
1. قانوني پيچيدگيون ۽ جعلي دستاويز:
پراپرٽي جي مالڪي ۽ زمين جي دستاويزات ۾ جعليت هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي، ڪيترن ئي پراپرٽي منصوبن ۾ زمين جي مالڪي بابت اڻ پوري ڄاڻ، جعلي دستاويز ۽ غير قانوني قبضن سبب سيڙپڪارن ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي رهي آهي. پراپرٽي جي مالڪي جو رڪارڊ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ جامع قانوني فريم ورڪ جي ضرورت آهي.
2. مهانگائي ۽ قيمتن ۾ اضافو:
پراپرٽي قيمتن ۾ اضافو هڪ اهم مسئلو بڻيل آهي. زمين جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو، تعميراتي مواد ۽ مزدوري جي قيمتن ۾ واڌ سبب، پراپرٽي خريدڻ عام ماڻهن لاءِ مشڪل بڻجي ويو آهي، انهي سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي گهر خريدڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي ۽ صرف وڏا سيڙپڪار ئي پراپرٽي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي قابل آهن.
3. معياري تعمير جو فقدان:
ڪيترن ئي نون پراپرٽي منصوبن ۾ تعميراتي معيار کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته هڪ پراپرٽي منصوبه مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن کي بجلي، پاڻي ۽ ٻين ضروري سهولت جي کوٽ جو سامنا ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ان منصوبن ۾ رهڻ وارن کي سخت تکليف ٿي رهي آهي. ان کان علاوه، ٺيڪيدار ۽ بلڊرز پاران معيار ۾ ڪمزوريون پڻ عوامي ردعمل پيدا ڪن ٿيون.
4. حڪومتي پاليسين ۾ عدم تسلسل:
حڪومتي پاليسين ۾ تسلسل جو فقدان پڻ پراپرٽي شعبي لاءِ هڪ اهم مسئلو بڻيل آهي، جڏهن حڪومت نون قوانين ۽ پاليسين کي نافذ ڪندي آهي، ته ان سان پراپرٽي شعبي ۾ سرمائيڪارن ۽ عوام کي اڻڄاڻائي ۽ عدم تحفظ جو سامنو ٿئي ٿو، جنهن سان سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي اچي ٿي.
حڪومتي پاليسيون ۽ تجويزون:
پراپرٽي شعبي جي ترقيءَ لاءِ حڪومت کي ڪجهه اهم قدم کڻڻ گهرجن، جيڪي هن شعبي کي سڌارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، انهن مان ڪجهه اهم تجويزون هي آهن:
1. قانوني نظام ۾ سڌارا:
پراپرٽي جي مالڪي لاءِ واضح ۽ شفاف قانون جو نفاذ ضروري آهي. زمين جي مالڪي جي رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط ڊجيٽل نظام قائم ڪرڻ گهرجي، جنهن سان جعلي دستاويزن ۽ قبضن کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي.
0 تبصرے