ٺٽو: مهيشوري جماعت پاران نئين چونڊيل پَرمُک جي پَڳ جي رسم منعقد

ٺٽو: مهيشوري جماعت پاران نئين چونڊيل پَرمُک جي پَڳ جي رسم منعقد

ٺٽو (ڊ ر)مهيشوري جماعت پاران نئين چونڊيل پَرمُک جي پَڳ جي رسم منعقدڪئي ويئي.پ پ پ جي اقليتي ايم پي اي شام سُندرآڏواڻي.وشنومل. امرديپ کيئلاڻي. منارٽي ونگ اڳواڻ ڪنيالال.رئيس عبدالغني بگهياڙ.اشوڪ ڪمار منگواڻي.مولوي قاسم چانڊيوسميت مهيشوري برادريءَ جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت.ان موقعي تي مهيشوري جماعت جي اڳواڻن تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسانجي مهيشوري برادري کي اقليت جو نالوڏيئي هميشه نظراندازڪيوويو آھي.گهارو سميت ضلعي جي سموري مهيشوري برادري هميشه پ پ کي ووٽ ڪيا آھن.ٽائون ڪميٽي گهارو ۾ مهيشوري برادريءَ جا داخل ووٽ جيڪي سمورا پ پ پ اميدوارن کي ڏيئي کين ڪامياب ڪرائيندا آھن ان باوجود مهيشوري برادريءَ جا رهائشي علائقا مڪمل کنڊرات بڻيل آھن.ڪوبه نمائندواسانجي برادريءَ جي پرگهور نٿو لهي.اڄ هن اسٽيج تان سڀني مهمانن جو ڌيان ڇِڪائڻ ٿا چاهيون ته گهارو ۾ رھندڙ مهيشوري برادري جي علائقن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.تقريب جي مهمان خاص ۽ پيپلز پارٽي جي اقليتي ايم پي اي شام سندرآڏواڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيوته مهيشوري برادري اقليتي نه پر هي سنڌجااصلي وارث آھن جن جامسئلا اوليت جي بنياد حل ڪرڻ لاءِ قيادت سان ڳالھ ٻولھ ڪنداسين.هن وڌيڪ چيوته ٺٽوضلعوصوفين جي سرزمين رهي آھي ان ڌرتي جاماڻهو امن پسند آھن. شهيد راڻيءَ جي قربانين سان پاڪستان کي مليل جمهوريت پاڪستاني عوام لاءِ تحفو آھي.ان جمهوريت ۾ پاڪستان جون سموريون قومون ۽ برداريون بنافرق جي هڪ گلدستي جيان آھن. عورتون به مردن جيان برابرجاحق رکن ٿيون. گهارو جي دوستن جيڪي مسئلا پيش ڪيا آھن ان جي حل لاءِ سموريون ڪوششون ورتيون وينديون.پ پ پ منارٽي ونگ جي ضلعي صدرڪنيالال خطاب ڪندي چيوته هن مهل منارٽي ڪميونٽي مختلف حصن ۾ ورهايل آھي انڪري مسئلن جوشڪار آھي توهان پاڻ ۾ ٻَڌي ڪريو قبرستان.مساڻ.اسڪولن ۽ ڪميونٽي هالن جي تعمير لاءِ پڻ جلد ڪوششون ورتيون وينديون.هن چيو ته پ پ پ پورهيتن جي پارٽي آھي جنهن جي هر دور ۾ اقليتن جامسئلا اوليت جي بنيادتي حل ڪياوياآھن مهيشوري جماعت جي مرڪزي صدرڪامريڊ وشنومل خطاب ڪندي چيوته اقليتن جي تحفظ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان قانون پاس ٿيڻ گهرجي ته جيئن اهي پاڻ کي محفوظ سمجهن.انهن جي تعليم قبرستان ۽ مساڻ جو به تحفظ ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ انتهاپسنديءَ سبب اسانجون نياڻيون محفوظ ناهن انهن کي هر روز زبردستي مسلمان ڪيو وڃي ٿو.موهن جي دڙي جي تاريخ جو تسلسل آھيون سڀ ڀائر آھيون هندن کي نفرتن جو نشانو بنايوپيووڃي.اسين جدوجهد ذريعي هن ملڪ ۾ انساني برابري وارو سماج اڏڻ چاهيونٿا ته جيئن ڪوبه اسانکي ويڙھائي نه سگهي.آئين تي عمل ڪري انساني حقن جو احترام ڪيووڃي.اُترسنڌ کي ڏوهارين جي آماجگاھ بنايو ويو آھي.جتي ڪوبه محفوظ ناهي هندو واپاري محفوظ ناهي. هندو عورت محفوظ ناهي.شهري محفوظ ناهن ڏوهاري ٻانهن لوڏي هلن پيا جن جي دهشت علائقن کي غير محفوظ بنائي ڇڏيوآھي. تقريب جي اخر پَرمُک دانش ڪشن کي پڳ ٻڌرائي ويئي.لال مهيشوري.چيئرمين بابن آشواڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.