مورو شهر ۾ سماجي برايون عروج تي پهتل، پوليس ڪارروائين بدران ننڊ سُتل

جاني جماڻي

مورو شهر ۾ سماجي برايون عروج تي پهتل، پوليس ڪارروائين بدران ننڊ سُتل

مورو شهر ۾ وڌندڙ سماجي براين هيرون آئيس شراب فينسي جوائون سرعام عروج تي هلي رهيو آهن جنهن ڪري نوجوان نسل خاص طور تي شاگرد هيرون آئيس شراب واپرائڻ جا عادي بڻجي ويا آهن جنهن ڪري نوجوان نسل جا والدين ۽ سندن گھر ڀاتي سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽ نوجوان نشو واپرائڻ لاء گھر جو سامان وڪرو ڪرڻ لڳا مگر خبر نه آهي ته ڇو پوليس سرعام منشيات هيرون آئيس شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ايڪشن کڻڻ بجاء خاموش تماشائي بڻيل آهي ؟ جڏهن ته مورو جي اڪثر مختلف علائقن م منشيات جن م هيرون آئيس شراب Z21 عاداب سوپارين فينسي جوا جا اڏا سرعام غيرقانوني هلي رهيا آهن جنهن سان نوجوان نسل تيزي سان تباهي طرف وڃي رهيو آهي ۽ سندن والدين رت جا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهن مگر پوء به پوليس هلندڙ سماجي براين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪوبه قدم کڻڻ لاء تيار نه آهي ؟ جڏهن ته منشيات فروش ۽ سماجي برايون هلائيندڙ ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن تنهن ڪري آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار علي ملڪ کي گهرجي ته فورن مورو م هلندڙ سماجي براين خلاف سخت قدم کڻي نوجوان نسل کي وڌيڪ تباه ٿيڻ کان بچائي والدين جون دعائون کٽيون وڃن