سنڌ ۽ پنجاب ۾ سماجي تحفظ جي شعبي ۾ گڏيل پليٽ فارم جوڙڻ جو فيصلو

اجلاس ۾ سرفراز راچڙ، جهان آرا منظور وٽو ۽ ٻيا شريڪ

سنڌ ۽ پنجاب ۾ سماجي تحفظ جي شعبي ۾ گڏيل پليٽ فارم جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ پنجاب سماجي تحفظ جي پروگرامن ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ گڏجي ويا، جنهن جو مقصد صوبن وچ ۾ پوئتي پيل ماڻھن کي سماجي تحفظ فراھم ڪرڻ آھي. ان ڏس ۾ ڪالھ ٿيل ھڪ گڏجاڻي ۾ وڏي وزير سنڌ جي سماجي تحفظ بابت خاص معاون سرفراز راڄڙ ۽ پنجاب سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي (پي ايس پي اي) جي وائيس چيئرپرسن جهان آرا منظور وٽو سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ گڏيل سھڪار ذريعي سماجي تحفظ جي فريم ورڪ کي سگھارو ڪرڻ، ھڪ ٻئي جي تجربن مان لاڀ حاصل ڪرڻ ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڳالهايون ڪيون ويون. اجلاس ۾ ٻنهي صوبن ۾ سماجي تحفظ جي قدمن کي بهتر بڻائڻ لاءِ بهترين طريقن ۽ تجربن جي حصيداري تي ڌيان ڏنو ويو. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ سماجي تحفظ جي شعبي ۾ بين الصوبائي فورم جوڙيو ويندو جنھن ۾ سمورا صوبا ھڪ ٻئي سان سھڪار لاءِ مختلف رٿن تي غور ڪندا. اجلاس کانپوءِ گڏيل نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سرفراز راڄڙ چيو ته سنڌ حڪومت جي ممتا پروگرام تحت سنڌ جي 15 ضلعن ۾ 4 لک کان مٿي ڳورھاري عورتن جي مالي سھائتا ڪئي پئي وڃي. ھن پروگرام ۾ ھاڻي ٿڃ پياڪ مائرن کي بہ شامل ڪيو وڃي پيو. ھن چيو تہ ممتا پروگرام تحت 13 لک مائرن جي سھائتا ڪئي ويندي. هن چيو ته پوئتي پيل طبقي جي تحفظ لاءِ ٻنھي صوبن وچ ۾ سھڪار اڻٽر آھي جيئن ھو ھڪ ٻئي جي تجربي مان لاڀ حاصل ڪري سگھن. پي ايس پي اي جي وائيس چيئرپرسن جهان آرا وٽو چيو سماجي تحفظ لاءِ سنڌ جي جديد طريقيڪار کي ساراهيو ۽ ممتا پروگرام ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ھن چيو تہ سنڌ ۽ پنجاب توڙي ملڪ جي سڀني صوبن وچ ۾ سھڪار لاءِ گڏيل بين الصوبائي پليٽ فارم جي رٿ پيش ڪئي. هن زور ڏنو ته اهڙي پليٽ فارم سان سڀني صوبن کي هڪ ٻئي جي اپائن مان سکڻ ۽ سماجي تحفظ جي پروگرامن ۾ وڌيڪ بھتري آڻڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملندي ته جيئن سموري ملڪ جي پوئتي پيل ماڻھن جي بهتر خدمت ڪري سگهجي. جھان آرا وٽو اعلان ڪيو تہ پنجاب، سنڌ مان سڙي ويندڙ ماڻھن جي پنجاب ۾ علاج ۽ سھائتا ڪرڻ لاءِ تيار آھي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي سماجي تحفظ واري کاتي جي سيڪريٽري رفيق مصطفيٰ شيخ، سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سميع شيخ ، ايس ايس پي اي جي سينيئر پروگرام مئنيجر ذوالفقار مِٺاڻي ۽ پي ايس پي اي جي سينيئر آفيسر ميان محمد ڪاشف سعيد، محمد عمر شيخ ۽ ريحانا افضل به شرڪت ڪئي.