تاجل بيوس عظیم شاعر

نزاڪت علي سومرو

تاجل بيوس عظیم شاعر

سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان ڇا لکي ڇا لکان

تون تہ ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪئين ٿو چوي ڪو ڪئين ٿو چوي.

منهنجي لاءِ مارو هو رنا ڪيئن نہ هوندا ،پلو پاند تن جا، دامن تنين جا يار ڀنا ڪيئن نہ هوندا "

" جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا

اتان منهنجا مارو، معيارون مڪن ٿا"

" آء تہ توکي پنهنجي دل جون ڳالهيون، ڳيچ ٻڌايان "

جهڙا لا زوال ڪلام تخليق ڪندڙ سنڌ جي نامياري شاعر ڪهاڻيڪارن ۽ نقاد تاجل بيوس جو نالو تاج محمد ولد محمد جعفر سمون هو خيرپور ميرس جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ درگاھ پير حيات شاه تعلقي سوڀو ديرو ۾ 22 سيپٽمبر 1938ع تي پيدا ٿيو.

ابتدائي تعليم نورپور اسڪول مان حاصل ڪئي، تاجل بيوس جڏهن ٻئين درجي ۾ هو تہ سندس والد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پوءِ سندس پرورش سندس امڙ ڪئي. پوء ثانوي تعليم گنبٽ هاء اسڪول مان ۽ گريجوئيشن ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي.

تاجل بيوس جپان، ٿائلينڊ ۽ آمريڪا مان تعليم جا مختلف ڪورس ڪيا. ۽ اٺ سال سيڪنڊري اسڪول جو استاد رهيو، پاڻ مختلف سرڪاري عهدن تي فائز رهيو، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي وائس چانسلر جو صلاحڪار بہ رهيو، تاجل بيوس شاعري سان گڏ نثر ۾ ڪم ڪيو. سندس شاعري، سفرنامن، آتم ڪٿا ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇپيل آهن.

جن ۾ "جڏهن ڀونء بڻي" شاعري " انبن جهليو ٻور" شاعري " سرجيندڙ ساڻيھ جا" شاعري "سنڌ منهنجي امان" شاعري "ڪاڇي مٿان ڪونج" نثري نظم "ڪنڌيء ڪنئور ترن" شاعري "ڏور بہ اوڏا سپرين" ڀارت جو سفرنامو "ڪنڌي اڪ ڦلاريا" شاعري "ڏوريان ڏوريان م لهان" شعري مجموعو "تنھنجا نيڻ غزل" غزل" آريجن کان الهاس نگر "اديبن جا خط"

اديون ڙي اوھان جو ڇا ڏٺو!" سفرنامو" ڏک سکن جي سونهن" آتم ڪٿا ٽي ڀاڱا" چپ انجيل جي حاشين جهرا,. جهڄان پسي جهوڪ "ڪهاڻيون" سج چنڊ تارا ڪتيون" خاڪا" سون سريکا چارسين" شخصيات" گل ڇنو گرنار جو" ڪافيون "- تاجل جو رسالو -انگريزي شاعري جي مختصر تاريخ - انداز ي بيان اور" اردو شاعري جنهن جو مهاڳ مشهور شاعر محسن ڀوپالي لکيو. گلابوں کی موسم "اردو شاعري شامل آهن.

تاجل بيوس جي شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن من موهيندڙ انداز ۾ ڳائي آهي. جن ۾ عابده پروين، استاد محمد يوسف، محمد جمن، مصري فقير، انور حسين وسطڙو استاد قمر سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي نامور فنڪار شامل آهن. تاجل بيوس کي سندس مشهور ڪلام سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان ڇا تي هنڌ توڙي سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي، کيس 12 ايوارڊ مليا. جن ۾ گولڊ ميڊل بہ شامل آهن.سنڌ جي هن نامياري شاعر 13 ڊسمبر 2008 ع تي وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاهه چوڪنڊي قبرستان ڪراچي ۾ آهي.

سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان،

ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.

هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،

ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.

هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ،

ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين _ ٺار آ،

هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،

اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان.

تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،

تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان،

شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان،

کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان.

هوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ،

هوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ،

هوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ،

ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان.

ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان،

مينهن جي بوند تي، سائي سَرَ تي لکان،

ڏاٽي، ڪوڏر، کُرئي، گهوٻي هر تي لکان،

تنهنجو نالو وٺي تو تي لکندو رهان.

هوءَ جا ”بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي،

اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي،

جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي ،

اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.