ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان رڪشا ۾ سوار نوجوان ۽ ناري قتل

مقتول جي سڃاڻپ عطاءُ الله جي نالي سان ٿي، ناري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي

ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان رڪشا ۾ سوار نوجوان ۽ ناري قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ، ناري ۽ نوجوان قتل، نيپئير جي علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري رڪشا ۾ سوار ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا. ايس ايس پي سٽي عارف عزيز موجب نوجوان سڃاڻپ عطاءُ الله جي نالي سان ٿي، ناري جي فوري سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ابتدائي جاچ موجب ٻئي ڪلفٽن جي شاپنگ مال مان رڪشا ۾ سوار ٿيا، رڪشا ڊرائيور کي ٻنهي لياري هلڻ جو چيو، رڪشا جيئن ميوا شاهه مسجد وٽ پهتو ته پويان کان ايندڙ موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. ايس ايس پي سٽي موجب هٿياربند ڦر جي نيت سان نه آيا هئا، انهن ڪا به شيءَ ڦر نه ڪئي، مقتول ناري ۽ نوجوان لياري جي هڪ هوٽل ۾ رهائش پذير جئا، مقتول نوجوان باجوڙ ايجنسي جو رهواسي هو، مقتولن جي وارثن سان رابطو ڪريون پيا، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي يا ڪو ٻيو معاملو آهي، مختلف رخن کان جاچ جاري آهي