English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سڪرنڊ ۾ جسقم جو ڌرڻو، سنڌو درياءَ درياءَ جي پاڻي تي قبضي کي رد ڪريون ٿا: صنعان قريشي
244 views
|
24th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌي ماڻهن جي پرامن احتجاج کي موٽ نه ڏني وئي ته هو ٻيو رستو اختيار ڪندا ۽ کين ڪير به روڪي نه سگهندو: چتاءُ
سڪرنڊ (رپورٽر) سنڌو درياء تي 6 نوان تڪراري ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف جسقم پاران پارٽي چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ سڪرنڊ قومي شاھراھ سيال ھوٽل وٽ ھزارين ڪارڪنن سان گڏ ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي سبب 6 ڪلاڪ ڪراچي کان پنجاپ ڏانھن ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور بند رھي ۽ ملڪ جي مُک شاھراھ بلاڪ رھيو گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون ڌرڻي ۾ عورت ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي ڌرڻي دوران ڪارڪنن پاڻي خاطر جهيڙو آء جا زوردار نعرا ھڻندا رھيا ڌرڻي واري هنڌ پوليس ۽ جسقم ڪارڪنن وچ ۾ ٽريفڪ کي ڌرڻي واري هنڌ وٽان لنڪ روڊ ذريعي موڪلڻ تان ڇڪتاڻ پڻ ٿي ۽ منهن ماري بعد ڪارڪنن رڪاوٽون وجھي روڊ کي ٽريفڪ لاء بند ڪيو ويو ڌرڻي کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ ڪئنالن کي رد ڪري ٿي سنڌو درياءُ مٿان ڪنهن به قبضي کي رد ڪريون ٿا اڄ سنڌي قوم ٻڌي جو ثبوت ڏئي احتجاج ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪري ڪئنال ٺاھڻ واري منصوبي کي رد ڪيو آھي سنڌو درياءُ مٿان ڪو به ڊيم توڙي ڪئنال قبول ناهي سنڌي ماڻھن کي ڪاوڙ ۽ غصو آھي جو ماڻھو روڊن تي نڪري احتجاج ڪن ٿا ۽ پرامن آواز اٿارن ٿا جيڪڏھن سنڌي قوم جي پرامن آواز کي نه ٻڌو ويو ته پوء پوري سنڌي قوم ٻيو رستو به اختيار ڪري سگھي ٿي ھن وڌيڪ چيو ته ھوئين سنڌي قوم جا حق وسيلا سڀئي کسجي چڪا آھن پر آخري وسيلو سنڌو درياءُ جو پاڻي آھي اهو به کسجي ويو ته سنڌ جي صورتحال انتھائي ڀيانڪ هوندي هن چيو ته قومي ڪارڪنن سنڌي ماڻھن کي پيغام ڏيان ٿو ته پھرين ڊسمبر ثقافتي ڏينهن کي ڀرپور نموني سان ملھائن هن چيو ته بشير خان قريشي ثقافتي ڏينهنن کي اوجاگر ڪندو هو پنھنجي شھرن ڳوٺن ۾ قومي ڪارڪن ريليون ڪڍندا هئا هاڻ سڄي سنڌ جي ماڻھن ۽ قومي ڪارڪنن کي پابند ڪريان ٿو ته سڄي سنڌ ۾ پنھنجي ثقافت کي اوجاگر ڪن ۽ سنڌو درياءُ کي ضرور ياد ڪن ان موقعي تي امجد مھيسر ,اشرف ڪلهوڙو ,ديدار شام ,عطھر سومرو آصف رضا مگسي ۽ ٻين پڻ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جسقم چيئرمين
صنعان خان قريشي
ڌرڻي سبب
ڇهن ڪلاڪن
سنڌو درياءَ
سڪرنڊ
0 تبصرے