English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي
views
|
20th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
عوام ۾ شعور اجاگر ڪري پنهنجي مستقبل جي معمارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت لاءِ شعور پيدا ڪرڻو پوندو: لياقت علي لنڊ
نوشهرو فيروز (ڊر)ضلعي انتظاميا نوشهروفيروز ۽ سوشل ويلفيئر کاتي پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لياقت علي لنڊ جي اڳواڻي ۾ ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان هڪ آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ارباب علي اڄڻ، پرنسپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز محمد افضل ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام عباس ڳوراهو ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن، سماجي تنظيمن جي نمائندن سميت مختلف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جن تي ٻارن جي حقن ۽ تعليم جي تحفظ بابت نعرا لکيل هئا. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لياقت علي لنڊ چيو ته ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي گهرجي ته عوام ۾ شعور اجاگر ڪري پنهنجي مستقبل جي معمارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت جي لاءِ شعور پيدا ڪيون ته جيئن اهڙو ماحول پيدا ڪري سگهجي، جتي ٻارن کي محفوظ بڻائي سگهجي. هر ٻار محفوظ، معزز ۽ بااختيار ھجي سنڌ حڪومت پاران ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ پڻ قائم ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر نوشهروفيروز ارباب علي اڄڻ چيو ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن جي تحفظ جو عزم آهي اسان سڀني کي پنهنجي ۽ علائقي جي سڀني ٻارن جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لياقت علي لنڊ
نوشهرو فيروز
0 تبصرے