سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس مرڪزي صدر زينت سمون جي صدارت هيٺ ٿيو

سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ۽ عورت ڪانفرنس 16 جون تي حيدرآباد ۾ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو

سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس مرڪزي صدر زينت سمون جي صدارت هيٺ ٿيو

حيدرآباد(بيورو) سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس مرڪزي صدر زينت سمون جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو ۽ الطاف خاصخيلي خصوصي شرڪت ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ۽ عورت ڪانفرنس 16 جون تي حيدرآباد ۾ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏھن تہ 5 مئي کان عورتن تي تشدد، نياڻين کي اغوا ڪري جبري مذھب تبديل ڪرائڻ، سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري، مھانگائي، پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙي خلاف سڄي سنڌ ۾ رابطا مھم ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، سلطانہ ٻڍاڻي، آمنہ ڪنڀر، ناھيد جوڳي، رفيعه پليجو، بختاور چنڊ، عارفہ راڄپر، فريده ڀٽي، ھزار ناز ڪنراڻي، فرحانہ سولنگي، ھميرہ اختر، رضيا عباسي جي اڳواڻي ۾ وفد 5 ۽ 6 مئي تي ڪراچي، 7 ۽ 8 مئي تي ٺٽو، 12 ۽ 13 مئي تي سجاول، 14 ۽ 15 مئي تي بدين، 19 ۽ 20 مئي تي ٽنڊو محمد خان، 26 مئي تي ٽنڊوالھيار، 27 ۽ 28 مئي ميرپورخاص، 29 ۽ 30 مئي تي ٿرپارڪر، 31 مئي تي عمرڪوٽ، 9 ۽ 10 جون ڄامشورو، 11 ۽ 12 جون دادو، 13 ۽ 14 جون نوشھروفيروز، 15 ۽ 16جون خيرپورميرس مٽياري، 17 ۽ 18 جون سانگھڙ، 19 ۽ 20 جون نوابشاھ، 23 ۽ 24 جون قمبرشھدادڪوٽ، 25 جون لاڙڪاڻو، 26 جون شڪارپور، 7 جولاءِ ڪندڪوٽ ڪشمور، 8 جولاءِ جيڪب آباد، 9 جولاءِ گھوٽڪي، 10 جولاءِ سکر جا دورا ڪري رابطا مھم ھلائي ويندي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ عورتن کي برابري واري حق کانسواءِ سماج اڳتي نٿو وڌي سگھي، ڪالاباغ ڊيم مھاجر صوبي، سنڌ ۽ ملڪ دشمن منصوبن خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻي واري ڪردار سان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. زرعي تباھي ۽ عالمي ادارن جي ڊڪٽيشن جي ڪري غربت وڌي آھي۔ غريب ماڻھو، مزدور ۽ ھاري جي مفادن واري ڪا پاليسي ناھي. غريب وڌيڪ غريب ۽ امير وڌيڪ امير ٿي رھيو آھي. عورتن کي پنھنجي حقن لاءِ بيدار ٿي رستن تي اچڻو پوندو. زينت سمون چيو تہ حڪمران چاھين ٿا تہ عورتون بيدار نہ ٿين. طاقت جي زور تي سنڌ جي عوام جو آواز دٻائي ڦرلٽ ڪئي وڃي. عورت سنڌ جي اڌ آبادي آھي، عورتن کي انڪم سپورٽ جي نالي ۾ فقير بنائي تذليل ڪئي وڃي ٿي، حڪومت نياڻين جي تعليم ۾ رڪاوٽ بنيل آھن. ڪاڇو، ڪوھستان، ٿر ۽ قبيلائي، جاگيردار، سرداري ۽ وڏيرا شاھي جي اثر وارن ضلعن ۾ عورتن جي غلامن جھڙي زندگي آھي. حڪمران سنڌ جا شهر وڪڻي، زمينون ۽ وسيلا وڪڻي رھيا آھن وڏيون اقتداري پارٽيون ۽ حڪمران ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاء سنجيده ناھن. ملڪ سنگين معاشي، سياسي۽ آئيني بحرانن مان گذري رهيو آهي. ناھيد جوڳي چيو تہ ڪرپٽ حڪمران عورتن، نياڻين جي قاتلن ۽ انھن کي اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪرائيندڙن جا محافظ بنيل آھن. اسان کي نئين سماجي معاهدي جي ضرورت آهي. ھن چيو تہ اياز لطيف پليجو جي قيادت ۾ سنڌياني تحريڪ سنڌ، عورتن ۽ مظلوم عوام لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي. نصرت خاصخيلي چيو تہ بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جو سڀ کان وڏو شڪار عورتون ٿي رھيون آھن. پاڪستان ۾ اڀ کان وڌيڪ ڪرپشن، بدامني ۽ عورتن سان زيادتيون سنڌ ۾ آھن.بختاور چنڊ، فرحانہ سولنگي ۽ راڻي ڪوري چيو تہ ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي حملو آھي. فوري طور تي سنڌ دشمن سازش بند ڪئي وڃي. پيپلزپارٽي ۽ پي ڊي ايم حڪومت صرف ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ وقت کان اڳ ۾ غير آئيني ۽ غير قانوني سنڌ دشمن سازش تحت ڊجيٽل ڪوڙي آدم شماري ڪرائي رھيا آھن. سنڌ جو عوام انھي سازشي عمل کي مڪمل رد ڪري ٿو. ھنن چيو تہ حڪمران پنھنجي ذاتي مفادن لاءِ قومي مفادن کي داءُ تي نہ لڳائين ۽ سنڌ کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي. ڪراچي ۾ 20 لک کان وڌيڪ افغاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي رھن ٿا، اھي سڀ ڌاريا ڳڻپ ۾ آڻي مستقل شھري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ ناھيد جوڳي، شھربانو راھوجو آمنہ ڪنڀر، عارفہ راڄپر، صبا سمون، راڻي ڪوري، بختاور چنڊ، ھميرا اختر، رضيا عباسي، فرحانہ سولنگي، ڪائنات سنڌو، ساجده ابڙو، سلطانہ ٻڍاڻي، فريده ڀٽي، نسا مظھر، صنم سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي.