English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس مرڪزي صدر زينت سمون جي صدارت هيٺ ٿيو
97 views
|
04th Apr 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ۽ عورت ڪانفرنس 16 جون تي حيدرآباد ۾ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو
حيدرآباد(بيورو) سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس مرڪزي صدر زينت سمون جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو ۽ الطاف خاصخيلي خصوصي شرڪت ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ۽ عورت ڪانفرنس 16 جون تي حيدرآباد ۾ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏھن تہ 5 مئي کان عورتن تي تشدد، نياڻين کي اغوا ڪري جبري مذھب تبديل ڪرائڻ، سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري، مھانگائي، پاڻي ۽ وسيلن تي ڌاڙي خلاف سڄي سنڌ ۾ رابطا مھم ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، سلطانہ ٻڍاڻي، آمنہ ڪنڀر، ناھيد جوڳي، رفيعه پليجو، بختاور چنڊ، عارفہ راڄپر، فريده ڀٽي، ھزار ناز ڪنراڻي، فرحانہ سولنگي، ھميرہ اختر، رضيا عباسي جي اڳواڻي ۾ وفد 5 ۽ 6 مئي تي ڪراچي، 7 ۽ 8 مئي تي ٺٽو، 12 ۽ 13 مئي تي سجاول، 14 ۽ 15 مئي تي بدين، 19 ۽ 20 مئي تي ٽنڊو محمد خان، 26 مئي تي ٽنڊوالھيار، 27 ۽ 28 مئي ميرپورخاص، 29 ۽ 30 مئي تي ٿرپارڪر، 31 مئي تي عمرڪوٽ، 9 ۽ 10 جون ڄامشورو، 11 ۽ 12 جون دادو، 13 ۽ 14 جون نوشھروفيروز، 15 ۽ 16جون خيرپورميرس مٽياري، 17 ۽ 18 جون سانگھڙ، 19 ۽ 20 جون نوابشاھ، 23 ۽ 24 جون قمبرشھدادڪوٽ، 25 جون لاڙڪاڻو، 26 جون شڪارپور، 7 جولاءِ ڪندڪوٽ ڪشمور، 8 جولاءِ جيڪب آباد، 9 جولاءِ گھوٽڪي، 10 جولاءِ سکر جا دورا ڪري رابطا مھم ھلائي ويندي. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ عورتن کي برابري واري حق کانسواءِ سماج اڳتي نٿو وڌي سگھي، ڪالاباغ ڊيم مھاجر صوبي، سنڌ ۽ ملڪ دشمن منصوبن خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻي واري ڪردار سان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. زرعي تباھي ۽ عالمي ادارن جي ڊڪٽيشن جي ڪري غربت وڌي آھي۔ غريب ماڻھو، مزدور ۽ ھاري جي مفادن واري ڪا پاليسي ناھي. غريب وڌيڪ غريب ۽ امير وڌيڪ امير ٿي رھيو آھي. عورتن کي پنھنجي حقن لاءِ بيدار ٿي رستن تي اچڻو پوندو. زينت سمون چيو تہ حڪمران چاھين ٿا تہ عورتون بيدار نہ ٿين. طاقت جي زور تي سنڌ جي عوام جو آواز دٻائي ڦرلٽ ڪئي وڃي. عورت سنڌ جي اڌ آبادي آھي، عورتن کي انڪم سپورٽ جي نالي ۾ فقير بنائي تذليل ڪئي وڃي ٿي، حڪومت نياڻين جي تعليم ۾ رڪاوٽ بنيل آھن. ڪاڇو، ڪوھستان، ٿر ۽ قبيلائي، جاگيردار، سرداري ۽ وڏيرا شاھي جي اثر وارن ضلعن ۾ عورتن جي غلامن جھڙي زندگي آھي. حڪمران سنڌ جا شهر وڪڻي، زمينون ۽ وسيلا وڪڻي رھيا آھن وڏيون اقتداري پارٽيون ۽ حڪمران ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاء سنجيده ناھن. ملڪ سنگين معاشي، سياسي۽ آئيني بحرانن مان گذري رهيو آهي. ناھيد جوڳي چيو تہ ڪرپٽ حڪمران عورتن، نياڻين جي قاتلن ۽ انھن کي اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪرائيندڙن جا محافظ بنيل آھن. اسان کي نئين سماجي معاهدي جي ضرورت آهي. ھن چيو تہ اياز لطيف پليجو جي قيادت ۾ سنڌياني تحريڪ سنڌ، عورتن ۽ مظلوم عوام لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي. نصرت خاصخيلي چيو تہ بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جو سڀ کان وڏو شڪار عورتون ٿي رھيون آھن. پاڪستان ۾ اڀ کان وڌيڪ ڪرپشن، بدامني ۽ عورتن سان زيادتيون سنڌ ۾ آھن.بختاور چنڊ، فرحانہ سولنگي ۽ راڻي ڪوري چيو تہ ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي حملو آھي. فوري طور تي سنڌ دشمن سازش بند ڪئي وڃي. پيپلزپارٽي ۽ پي ڊي ايم حڪومت صرف ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ وقت کان اڳ ۾ غير آئيني ۽ غير قانوني سنڌ دشمن سازش تحت ڊجيٽل ڪوڙي آدم شماري ڪرائي رھيا آھن. سنڌ جو عوام انھي سازشي عمل کي مڪمل رد ڪري ٿو. ھنن چيو تہ حڪمران پنھنجي ذاتي مفادن لاءِ قومي مفادن کي داءُ تي نہ لڳائين ۽ سنڌ کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي. ڪراچي ۾ 20 لک کان وڌيڪ افغاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي رھن ٿا، اھي سڀ ڌاريا ڳڻپ ۾ آڻي مستقل شھري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ ناھيد جوڳي، شھربانو راھوجو آمنہ ڪنڀر، عارفہ راڄپر، صبا سمون، راڻي ڪوري، بختاور چنڊ، ھميرا اختر، رضيا عباسي، فرحانہ سولنگي، ڪائنات سنڌو، ساجده ابڙو، سلطانہ ٻڍاڻي، فريده ڀٽي، نسا مظھر، صنم سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
سنڌياڻي تحريڪ
زينت سمون
0 تبصرے