پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سيف وڏي تعداد ۾ اسڪولن جي مدد ڪري رهي آهي: مقرر
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، گورنمينٽ آف سنڌ جي سهڪار سان فاس اعجاز احمد راجپوت ايليمينٽري اسڪول جو افتتاح ڳوٺ خان محمد راجپوت، ضلع عمرڪوٽ ۾ جوش ۽ جذبي سان منعقد ٿيو، هن ربن ڪٽڻ واري تقريب تعليمي ترقي جي نئين دور جي شروعات ڪئي، تقريب جي صدارت سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر عبد الڪبير قاضي ڪئي، تقريب ۾ موجود ٻين اهم شخصيتن ۾ پروگرامز ۽ پلاننگ جو ڊائريڪٽر نثار ٻانبهڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپيشل انيشئيٽوز ناهيد عباسي، ريجنل هيڊ ميرپورخاص علي محمد شيھواڻي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محبوب ميگھاڻي، ضلعي هيڊ پروين عمر، ايڇ ٽي پي جي صدر شهناز حزب الله، فرهاد احمد ۽ ٻيا معزز شامل هئا، تقريب ۾ ڪميونٽي جي نمائندن، والدين، استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي،
پنهنجي خطاب ۾ مينيجنگ ڊائريڪٽر عبد الڪبير قاضي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، گورنمينٽ آف سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ معياري تعليم جي فراهمي جي عزم کي اجاگر ڪيو، هن ٻڌايو ته ايس اي ايف ڏورانهن علائقن، جهڙوڪ عمرڪوٽ جي ريگستاني علائقن ۾ مفت ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، هن چيو، “ايس اي ايف جو مشن تعليم جي ذريعي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن ڪميونٽيز کي بااختيار بنائڻ آهي جيڪي ڪيترن ئي سالن کان بنيادي تعليمي موقعن کان محروم آهن، حڪومت سنڌ جي تحت، ايس اي ايف گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ پنهنجي منفرد ڪميونٽي بيسڊ ايجوڪيشن ماڊل ذريعي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ايس اي ايف وڏي تعداد ۾ اسڪولن جي مدد ڪري رهي آهي ۽ اهو يقيني بڻائي رهي آهي ته ٻارن کي معياري تعليمي ماحول ميسر هجي، فائونڊيشن جديد نصاب، مڪمل سهولتن سان گڏ ڪلاس رومز ۽ جديد تدريسي طريقا فراهم ڪري مضبوط تعليمي ماحول پيدا ڪري رهي آهي، پروگرامز ۽ پلاننگ جو ڊائريڪٽر نثار احمد ٻانبهڻ ايس اي ايف جي سهولتن جي نظام جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ايس اي ايف پنهنجي سڀني معاون اسڪولن لاءِ هڪ جامع نگراني ۽ تعليمي مدد جو نظام قائم ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو، “ايس اي ايف نه صرف تعليمي نگراني فراهم ڪري ٿي پر استادن جي تربيت جي ذريعي انهن جي صلاحيتن کي به وڌائي ٿي، اهي تربيتون استادن کي بهترين تعليمي معيار فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري مهارتن سان ليس ڪن ٿيون، تقريب جي پڄاڻي تي مقامي ڪميونٽي جي ماڻهن ۽ والدين ايس اي ايف جي تعليمي ترقي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو، فاس اعجاز احمد راجپوت ايليمينٽري اسڪول جو افتتاح ايس اي ايف جي انهي عزم جو مظاهرو آهي جيڪو سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ تعليمي ترقي ۽ ڪميونٽي جي ڀلائي لاءِ ڪوشاں آهي.
0 تبصرے