مورو ۾ قتل جي الزام هيٺ آيل نوجوان جي وارث عورتن جو معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

گذريل ڏينھن نور خاتون عرف نوري پاران شهزاد عرف گل زرداري تي سندس پٽ سجاد کي لٺيون هڻي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو ويو هو: عورتون

مورو ۾ قتل جي الزام هيٺ آيل نوجوان جي وارث عورتن جو معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

مورو (جاني جماڻي) مورو شهر جي ٻانڊي روڊ جي ڳوٺ گنھور خان چانڊيو جي رهواسي عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏ قرآن پاڪ کڻي مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن جي اڳواڻي الهرکئي، ڪزبانو، ريحانه، پروين، صاحبزادي، صابران، فرزانه، سڪينه زرداري ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته گذريل ڏينھن احتجاج ڪندڙ عورت نور خاتون عرف نوري پنھنجي پٽ جو خون شهزاد عرف گل زرداري تي ڪوڙو الزام ھڻي مڙھڻ جي ڪوشش ڪري رھي آهي جنھن جي جاچ ڪرائي وڃي تہ اصل حقيقت سامھون اچي ويندي ھنن الزام ھڻندي چيو تہ سندس پٽ سجاد زرداري کي ليڊي پوليس اھلڪار فھميدان، پوليس اهلڪار سجاد زرداري، بشير، خان محمد، شاهنواز، سڪندر زرداري ۽ ٻين گڏجي زھر ڏئي ماريو آھي ھن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو ته معلوم ٿي ويندو ته ھن جي پٽ کي شھر ڏنو ويو آھي يا لٺيون ھڻي ماريو ويو آھي. ھنن چيو تہ مذڪوره ماڻھون ملڪيتون هڙپ ڪرڻ چاهين پيا جنهن لاءِ اهڙو الزام هنيو ويو آهي، جڏهن ته سجاد زرداري کي سڄو شهر ڄاڻي ٿو تہ نشو ڪندو ھو الزام ھڻندڙ عورت ٻين جي چوڻ ۾ اچي اسان جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ ۽ کائڻ چاھي ٿي جنھن لاءِ اھڙا الزام ھنيا ويا آهن. هنن گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز، ڊي ايس پي مورو، ايس ايڇ او مورو کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ڪو بہ نقصان پھتو تہ ان جا ذميوار مذڪورا ماڻھون انتظاميا ھوندي.