English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ۾ رڪشا روٽ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيرسن زخمي، رڪشا بيهاري ڌرڻو
views
|
23rd Oct 2024
•
سنڌي خبرون
رڪشا ڊرائيورن جان محمد ڏاھري، فرمان بليدي، سجاد راجپر، حيات اللھ ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو
ڪراچي (اعجاز چانڊيو) سھراب ڳوٺ ۾ رڪشي جي روٽ تان ٻن ڌرين ۾ اختلاف. جھيڙو. پيرسن تي سخت تشدد. مظاھرو. ڌرڻو. رڪشا ڊرائيورن جان محمد ڏاھري. فرمان بليدي. سجاد راجپر. حيات اللھ ابڙو. منگل جاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رڪشا روڊ تي بيھاري احتجاج ڪيو. سخت نعري بازي. بااثر افتخار پٺاڻ. شير زادو ۽ ٻيا اسان جون گاڏيون روڪي ڀتي لاء ڊرائيورن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ٿا. جان ڏاھري، روٽ جي ٿري نالي سان بحال آھي. سي ٿري وارا زبردستي گاڏيون ھلائن چاھين ٿا. ڀتي جو الزام بي بنياد آھي. شير زادو پٺاڻ.ھي روٽ اسان جو آھي سي ٿري جي نالي سان ھلايون پيا. جي ٿري وارا اسان جي گاڏيون نٿا ھلائڻ ڏين. اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي ڊرائيورن تي تشدد ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي. تفصيل موجب. ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ٽائون ايوب ڳوٺ کان شفيق موڙ ڏانھن ويندڙ روٽ تي ٻن ڌرين ۾ اختلاف چوٽ چڙھي ويا. ھڪ ڌر پاران ٻي ڌر تي گاڏين کي روڪي شيشا ٽوڙڻ ۽ ڊرائيورن تي تشدد جو الزام. متاثر ڌر پاران صبا سينما وٽ رڪشا بيھاري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي متاثر ڌر جي جان محمد ڏاھري. فرمان بليدي. سجاد راجپر. حيات اللھ ابڙو. منگل جاني ۽ ٻين چيو ته گزريل ڪيترن سان کان ايوب ڳوٺ کان شفيق موڙ تائين اسان جا رڪشا ايوب ڳوٺ کان شفيق موڙ تائين ھلي رھيا آھن. ڪجھ عرصو پھرين مخالف ڌر جي افتخار پٺاڻ. شير زادو. حيات اللھ. تاج محمد عرف موٽو. شير حيات. وسيم. منير پٺاڻ اسان جون گاڏيون روڪي رھيا آھن. جڏھن ته اسان جي ڊرائيورن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ھي روٽ اسان جو آھي جيڪو اسان سي ٿري جي نالي تي ھلايون پيا. جڏھن ته جي ٿري وارا اسان جون گاڏيون ھلائڻ نٿا ڏين جو بااثر ۽ مافيا جا ماڻھون آھن. جيڪي ٽريفڪ پوليس ۽ مختلف ٿاڻن تي ڀتو ڏئي اسان جي گاڏين کي روڪي رھيا آھن. اسان ھتان جا ڌرتي ڌڻي آھيون ڇا اسان سنڌين کي رڪشا ھلائڻ جي به اجازت ناھي. ھنن اعلي اختيارين کان گھر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي رڪشا ھلائڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ڊرائيورن تي تشدد ڪندڙ ملوث ماڻھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻي طرف رابطي ڪرڻ تي جي ٿري اڏو ھلائيندڙ شير زادو پٺاڻ چيو ته ڪيترن ئي سالن کان وٺي جي ٿري روٽ ھلائيندا پيا اچون. سي ٿري وارا ھروڀرو زبردستي گاڏيون ھلائن چاھين ٿا. ھنن اسان جي گاڏين جا شيشا ٽوڙيا آھن. ڀتو جو الزام بي بنياد آھي. اسان وٽ روٽ جي پرمٽ موجود آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
سھراب ڳوٺ
0 تبصرے