English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ۾ رڪشا روٽ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيرسن زخمي، رڪشا بيهاري ڌرڻو
196 views
|
23rd Oct 2024
•
سنڌي خبرون
رڪشا ڊرائيورن جان محمد ڏاھري، فرمان بليدي، سجاد راجپر، حيات اللھ ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو
ڪراچي (اعجاز چانڊيو) سھراب ڳوٺ ۾ رڪشي جي روٽ تان ٻن ڌرين ۾ اختلاف. جھيڙو. پيرسن تي سخت تشدد. مظاھرو. ڌرڻو. رڪشا ڊرائيورن جان محمد ڏاھري. فرمان بليدي. سجاد راجپر. حيات اللھ ابڙو. منگل جاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رڪشا روڊ تي بيھاري احتجاج ڪيو. سخت نعري بازي. بااثر افتخار پٺاڻ. شير زادو ۽ ٻيا اسان جون گاڏيون روڪي ڀتي لاء ڊرائيورن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ٿا. جان ڏاھري، روٽ جي ٿري نالي سان بحال آھي. سي ٿري وارا زبردستي گاڏيون ھلائن چاھين ٿا. ڀتي جو الزام بي بنياد آھي. شير زادو پٺاڻ.ھي روٽ اسان جو آھي سي ٿري جي نالي سان ھلايون پيا. جي ٿري وارا اسان جي گاڏيون نٿا ھلائڻ ڏين. اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي ڊرائيورن تي تشدد ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي. تفصيل موجب. ڪراچي جي سھراب ڳوٺ ٽائون ايوب ڳوٺ کان شفيق موڙ ڏانھن ويندڙ روٽ تي ٻن ڌرين ۾ اختلاف چوٽ چڙھي ويا. ھڪ ڌر پاران ٻي ڌر تي گاڏين کي روڪي شيشا ٽوڙڻ ۽ ڊرائيورن تي تشدد جو الزام. متاثر ڌر پاران صبا سينما وٽ رڪشا بيھاري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي متاثر ڌر جي جان محمد ڏاھري. فرمان بليدي. سجاد راجپر. حيات اللھ ابڙو. منگل جاني ۽ ٻين چيو ته گزريل ڪيترن سان کان ايوب ڳوٺ کان شفيق موڙ تائين اسان جا رڪشا ايوب ڳوٺ کان شفيق موڙ تائين ھلي رھيا آھن. ڪجھ عرصو پھرين مخالف ڌر جي افتخار پٺاڻ. شير زادو. حيات اللھ. تاج محمد عرف موٽو. شير حيات. وسيم. منير پٺاڻ اسان جون گاڏيون روڪي رھيا آھن. جڏھن ته اسان جي ڊرائيورن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ھي روٽ اسان جو آھي جيڪو اسان سي ٿري جي نالي تي ھلايون پيا. جڏھن ته جي ٿري وارا اسان جون گاڏيون ھلائڻ نٿا ڏين جو بااثر ۽ مافيا جا ماڻھون آھن. جيڪي ٽريفڪ پوليس ۽ مختلف ٿاڻن تي ڀتو ڏئي اسان جي گاڏين کي روڪي رھيا آھن. اسان ھتان جا ڌرتي ڌڻي آھيون ڇا اسان سنڌين کي رڪشا ھلائڻ جي به اجازت ناھي. ھنن اعلي اختيارين کان گھر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي رڪشا ھلائڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ڊرائيورن تي تشدد ڪندڙ ملوث ماڻھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻي طرف رابطي ڪرڻ تي جي ٿري اڏو ھلائيندڙ شير زادو پٺاڻ چيو ته ڪيترن ئي سالن کان وٺي جي ٿري روٽ ھلائيندا پيا اچون. سي ٿري وارا ھروڀرو زبردستي گاڏيون ھلائن چاھين ٿا. ھنن اسان جي گاڏين جا شيشا ٽوڙيا آھن. ڀتو جو الزام بي بنياد آھي. اسان وٽ روٽ جي پرمٽ موجود آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سھراب ڳوٺ
0 تبصرے