English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪ شديد سياسي ۽ اقتصادي بحران جو شڪار آھي، سنڌ کي بنجر بنائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آھي: پليجو
views
|
13th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي صورتحال جو تفصيلي غور ويچار، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪرپشن ۽ وسيلن جي نيلامي خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي احتجاج جو اعلان
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس حيدرآباد ۾ اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي، جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، نائب صدر فرحان لاڙڪ، ڪرڙ ريٻاري، سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، عباس پٺاڻ، شوڪت تنيو، شوڪت سريوال، ميڊيا سيڪريٽري اشرف پليجو، تعليمي ۽ ثقافتي سيڪريٽري آزاد ميرواھي، انور نوحاڻي، ابراھيم بگٽي، بچل احمداڻي، اڪبر خاصخيلي، مقصود سومرو، نظير بليدي، سانول گوپانگ، هاشم ڪنڀر، ارباب نوحاڻي، عنايت تنيو، ضمير مغيري، تراب علي شر، مير محمد منگي، گل حسن پلي، راجا دسرت، حيدر سنڌي، زاھد ڀنڀرو، پنھل سولنگي، مدثر مھدي، زين سومرو، زينت سمون، نصرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي، صبا سمون سميت سي سي ميمبر، سمورن محاذن جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي صورتحال جو تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. قومي عوامي تحريڪ جي اجلاس ۾ سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪرپشن ۽ وسيلن جي نيلامي خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان ڪراچي ۾ 3 نومبر، حيدرآباد ۾ 17 نومبر، ميرپورخاص 10 نومبر، سکر 24 نومبر، لاڙڪاڻي ۾ 30 نومبر تي بک ھڙتال ڪيون وينديون. قومي عوامي تحريڪ طرفان سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڳوٺ سجاڳ ڪچھري جي عنوان سان رابطا مھم شروع ڪئي ويندي. جڏھن تہ سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪرپشن ۽ وسيلن جي لٽمار خلاف مختلف شھرن ۾ جلسه عام ڪيا ويندا. جنھن ۾ ڪراچي، سانگھڙ، دادو، ٽنڊو محمد خان ۾ نومبر، سجاول، ٺٽو، ڳڙھي خيرو ۽ واري ۾ ڊسمبر ۽ گھوٽڪي ۾ جنوري جلسه عام ڪيا ويندا. قومي عوامي تحريڪ جي اجلاس م فيصلو ڪيو ويو تہ 25 آڪٽوبر تي جيجي زرينه بلوچ جي ورسي سڄي سنڌ ۾ ملھائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. اجلاس ۾ سڄي سنڌ جي ضلعن جا جنرل ڪائونسل اجلاس طلب ڪيا ويا. اجلاسن ۾ مرڪزي اڳواڻ شريڪ ٿيندا. ڪراچي ۾ 27 آڪٽوبر، ٺٽو 28 آڪٽوبر، سجاول 20 آڪٽوبر، بدين 15 آڪٽوبر، ٽنڊو محمد خان 15 آڪٽوبر، ميرپورخاص 25 آڪٽوبر، عمرڪوٽ 3 نومبر، ٿرپارڪر 2 نومبر، مٽياري 25 آڪٽوبر، حيدرآباد 20 آڪٽوبر، ڄامشورو 27 آڪٽوبر، نوابشاھ 20 آڪٽوبر، دادو 3 نومبر، قمبر شھدادڪوٽ 25 آڪٽوبر، لاڙڪاڻو 20 آڪٽوبر، شڪارپور 3 نومبر، ڪنڌڪوٽ 3 نومبر، جيڪب آباد 3 نومبر، گھوٽڪي 20 آڪٽوبر، خيرپور 10 نومبر تي جنرل ڪائونسل اجلاس ٿيندا. جڏھن تہ بلوچستان ۽ پنجاب صوبن جي دورن لاءِ قومي عوامي تحريڪ جا مرڪزي وفد جوڙيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ شديد سياسي ۽ اقتصادي بحران جو شڪار آھي. ايوان صدر کي سنڌ دشمن سازشن جي مرڪز بنائي گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بنائڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آھي. پيپلزپارٽي کي ٽيھر اقتدار ڏيندڙ طاقتون ۽ وفاق سنڌ کي ديوار سان لڳائي رھيا آھن. روادار سنڌ کي پنھنجي حقن تان دستبردار ٿيڻ لاء انتهاپسندي جي باھ ۾ اڇلايو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ بيروزگاري، مھانگائي، لاقانونيت ۽ غربت جي چنبي ۾ آھي. سنڌ جا وسيلا لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي بار بار مسلط ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ مان وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا تہ ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٻين ضلعن جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي بہ نه ملي سگھندو. سنڌو درياھ تي ڌاڙيل منصوبا قبول ناھن. ميرٽ کي قتل ڪيو ويو آھي. سند پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جي منڊي آھي. ايم ڊي ڪيٽ جي پيپرن ۾ ذھين شاگردن سان دوکو ڪيو ويو. نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو ته جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، نيازڪالاڻي سميت وڪيل ۽ عورت اڳواڻن جي گرفتاري ۽ سنڌو نواز، پنھل ساريو جي گھرن تي ڇاپن جي مذمت ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سنڌ جا وسيلا ڏئي ڇڏيا آھن. پوليس کي ذاتي مقصدن ۽ مخالفن خلاف استعمال ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ ٿيندڙ دھشتگردي پويان ٻاھريون طاقتون آھن. ايماندار ماڻھن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۽ وفاقي پارليامينٽ ۾ ڪا جڳھ ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي رائلٽي انھن علائقن جي ترقي ۽ سھولتن لاءِ خرچ ڪرڻ بدران ھڙپ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي گئس سڄو ملڪ استعمال ڪري رھيو آھي پر جن علائقن مان گئس نڪري ٿي اتي جي ڀرپاسي جا علائقا گئس جي سھولت کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا وسيلا لٽيا پيا وڃن. رائلٽي جا اربين روپيا تعليم، صحت ۽ روڊن سميت ترقياتي ڪمن تي استعمال ڪرڻ بدران ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ڪامورا ملي ڀڳت ڪري کائي وڃن ٿا. جيڪڏھن سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي رائلٽي سنڌ تي خرچ ڪئي وڃي ته سنڌ دبئي ۽ ٻين ملڪن کان وڌيڪ ترقي ڪندي. پيپلز پارٽي جا ڪرپٽ وزير اربين روپين جي ڪرپشن ڪري ٻاھرين ملڪن ڏانھن دولت منتقل ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي غربت ۽ بدحالي جي کڏ ۾ اڇلايو ويو آھي. زرعي تباھي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري جنم ورتو آھي. فصلن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. آبادگارن ۽ ھارين جو استحصال ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کان مڪمل لاتعلق آھن. ڪرپٽ حڪمرانن جي ايجنڊا صرف پئسي جي ڦرلٽ آھي. جنھنڪري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون موت جو گھر آھن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت رحم جوڳي آھي. حڪمران طبقي جا ٻار ٻاھرين ملڪن ۽ مھانگن تعليمي ادارن ۾ پڙھن ٿا. سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: بشریٰ بی بی کو عدالت سے گرفتار کر لیا گیا، القادر یونیورسٹی کو سرکاری تحویل میں لینے کا حکم
17th Jan 2025
•
تازہ ترین
اسلام آباد: 190 ملین پاؤنڈ کیس، پی ٹی آئی کے بانی عمران خان اور بشریٰ بی بی کو سزا
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي بنجر بئاڻڻ جي سازش آهي: ف ليگ اڳواڻ
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول: ڊي سي زاهد حسين رند جي صدارت هيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌياڻي تحريڪ
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے