عمرڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جي ڊي سي جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي

عمرڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جي ڊي سي جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي

عمرڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جي ڊي سي جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي

عمرڪوٽ (ڊ ر) حڪومت سنڌ جي لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي پاران سرڪاري زمينن جي حوالي سان جوڙيل ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جي گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ سندس آفيس ۾ ڪوٺائي ويئي، ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عمرڪوٽ محمد عالم سومرو، مختيارڪار عمرڪوٽ عزيزالله چاچڙ، ڊسٽرڪٽ رجسٽرار عمرڪوٽ، زراعت سان لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊر غلام اڪبر درس، لوڪل اسٽيٽ بزنس جي نمائيندي سيد قمر حسين شاهه، انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي سميت ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تعلقي عمرڪوٽ جي ڪل 10 ديھن جي حدود ۾ ايندڙ سرڪاري زمينن تي ٺهندڙ ٽن عوامي پروجيڪٽن جنھن ۾ ٿر ڪول بلاڪ ٽو کان نيوڇور تائين ٺاھيندڙ ريلوي ٽريڪ، ايس آئي ايف سي جي لاءِ نئون ٺھندڙ واٽر چئنل جي سي سي لائينگ، گرين پاڪستان جي پروجيڪٽ کي سرڪاري زمين ڏيڻ جي حوالي سان نوان سرڪاري ريٽ مقرر ڪيا ويا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران ڪميٽي جي سمورن ميمبرن جي اتفاق راءِ سان مختلف ديھن ڇور ٿر، ڪپلور، لالا بيھ، ڪچولي، ڏوڏھار، موڪل بيھ جي سرڪاري زمينن جو ريٽ في ايڪڙ ٻہ لک روپيه مقرر ڪيو ويو، جڏھن تہ ديھ سارنگ سر جي سرڪاري زمينن جو ريٽ في ايڪڙ ڇھ لک، ديھ ٻانھاري جي سرڪاري زمينن جو في ايڪڙ پنج لک روپيه مقرر ڪيو ويو.