English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گرلس ڪيمپس هاء اسڪول ابراھيم حيدري نمبر 2 گلشن حديد ۾ يوم دفاع جي تقريب
179 views
|
06th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ پرنسپال علياٰءِ ڄام، ڊپٽي ڊي اي او سيد عباس شاهه، عبدالجبار ککراڻي، راجا نبي بخش شر، لطف علي خان جوهر ۽ ٻيا شريڪ
ملير(درياخان شر) گورنمينٽ گرلس ڪيمپس هاء اسڪول ابراھيم حيدري نمبر 2 گلشن حديد ۾ يوم دفاع جي پروقار تقريب منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ شاگردن پاران تقريري مقابلا،ٽيبلوز ۽ ملي نغما پيش ڪيا ويا،استادن ۽ شاگردن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، تفصيل موجب يوم دفاع جي حوالي سان گورنمينٽ گرلس ڪيمپس هاء اسڪول ابراھيم حيدري نمبر 2 گلشن حديد فيز 1 ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ استادن شاگردن ۽ والدين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي صدارت اسڪول جي پرنسپال علياء ڄام ڪئي جڏھن ته ڊپٽي DEOs ملير ۾ سيد عباس شاھ, عبدالجبار ککراڻي, راجا نبي بخشن شر,لطف علي خان جوھر ۽ مھمان خاص ڊسٽرڪٽ ایجوڪیشن آفیسر سیڪنڊري ملير امتياز حسين انڙ, اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري ڊاڪٽر سائره بانو ,اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم انيس عباسي مھمان طور شرڪت ڪئي،تقريب ۾ يوم دفاع جي عنوان تعت تقريري مقابلا،ٽيبلوز ،۽ ملي نغما پيش ڪيا ويا،جن تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا اسڪول جي تقريب ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻيڻ بھترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي خوب داد حاصل ڪيو تقريب کي خطاب ڪندي مھمان خاص ڊسٽرڪٽ ایجوڪیشن آفیسر سیڪنڊري ملير امتياز حسين انڙ, اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري ڊاڪٽر سائره بانو ,اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم انيس عباسي ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ھميشه بھترين حڪمت عملي سان دشمن کي ماري ڀڄايو آھي 1965 جي جنگ دشمن ملڪ رات جي اندھيري جو فائدو وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي،انھي غلط گھمي ۾ پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو ته اھي پاڪستان جي سوين علائقن تي قبضو ڪري وٺندا پر اسان جي بھادر ۽ جرائت مند قوم ۽ فوج متحد ٿي دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملھائي ڇڏيو ،ھنن چيو ته ھن وقت پڻ ملڪ جو عوام پنھنجي فوج سان گڏجي سندس بھترين طريقي سان دفاع ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف وٺي وڃڻ جي ڀرپور سگھ رکن ٿا ۽ پنھنجي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راھ تي آڻي دنيا ۾ ھڪ مثالي ملڪ بڻائي سگھن ٿا ھنن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنھنجي قوم ۽ فوج جي حمت ۽ بھادري تي فخر آھي جنھن سبب ھر سال يوم دفاع بھترين انداز ۾ ملھايون ٿا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
گرلس ڪيمپس هاء اسڪول
سڪول ابراھيم حيدري
0 تبصرے