سنڌ جو ناميارو شاعر رائيچند اوڏ ڪيترئي عرصي کان بيماري ۾ مبتلا

راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي پٽ جي ڪوششن سان ثقافت کاتي پاران امدادي چيڪ جاري

سنڌ جو ناميارو شاعر رائيچند اوڏ ڪيترئي عرصي کان بيماري ۾ مبتلا

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جو ناميارو شاعر رائيچند اوڏ ڪيترئي عرصي کان بيماري ۾ مبتلا، پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي فرزند جي ڪوششن سان سندن کي ثقافت کاتي طرفان علاج لاء چيڪ ڏنو ويو خبر موجب سنڌ جو ناميارو شاعر رائيچند اوڏ گذريل ڪيترئي عرصي کان بيماري جي بستري تي پيل آھي ۽ غربت علاج ۾ رنڊڪ بڻيل ھجڻ سبب سندن جو علاج نه ٿي سگھيو ھو جڏھن ته نامياري شاعر رائيچند اوڏ جي بيماري جو اطلاع ٻڌڻ تي پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي فرزند اڳوڻي ٿرپاڪر ضلعي ڪائونسل جي وائس چيئرمين ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو جي ڪوشش سان کيس ثقافت ۽ ڪلچر کاتي سنڌ حڪومت جو 50 ھزار رپين جو چيڪ ڏياريو ويو جڏھن ته چيڪ ملڻ تي شاعر رائيچند اوڏ طرفان ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو ۽ راڻا خاندان جو شڪريو ادا ڪندي چيو آھي ته آئون ٿورائيتو آھيان ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو ۽ راڻا خاندان جو جن ھن ڏک جي گھڙي ۾ مونکي علاج لاء چيڪ ڏياري سار لڌي آھي