عمرڪوٽ ۾ پيءُ جي قتل ۾ پٽ ملوث نڪتو، ٻن سالن سميت گرفتار

عمرڪوٽ ۾ پيءُ جي قتل ۾ پٽ ملوث نڪتو، ٻن سالن سميت گرفتار

عمرڪوٽ ۾ پيءُ جي قتل ۾ پٽ ملوث نڪتو، ٻن سالن سميت گرفتار

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ قتل ٿي ويل حر جماعت جي خليفي وارو مامرو، قاتل سندن پٽ نڪتو، ٻن ساٿين سميت گرفتار، پوليس موجب ڏوھ جو اعتراف خبر موجب عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ الھڏنو مھر آگو راڄڙ ۾ 6 ڏينھن اڳ ۾ قتل ٿي ويل حر جماعت جي خليفي احمد راڄڙ جي قتل جو جوابدار پوليس موجب سندن پٽ نڪتو آھي ۽ کيس 2 ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو آھي ان حوالي سان تعلقه ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي سي آء اي انچارج خليل ڪنڀر، ڊي ايس پي سٽي تصور جٽ، ايس ايڇ او تعلقه اشوڪ ڪمار چيو آھي ته اسان قتل ڪيس جي مختلف رخن جاچ ڪري مقتول خليفو احمد راڄڙ جي پٽ يوسف راڄڙ کي گرفتار ڪيو ته ان پنهنجي پيءۡ کي پنهنجي ٻن سالن اسد ۽ امين منڱريو سان گڏجي ڇُريون ۽ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو اسان واردات ۾ استعمال ٿيل ڇُري ۽ ڪهاڙي هٿ ڪئي آهي جوابدار يوسف راڄڙ ملڪيت ڦٻائڻ لاءۡ پنهنجي پيءۡ کي پنهنجي سالن گڏجي قتل ڪرڻ جو ڏوه قبولي ورتو واضع رھي ته مقتول خليفو احمد راڄڙ جي قتل جو ڪيس ان جي سئوٽ سونارو راڄڙ جي فرياد تي ٽن نامعلوم جوابدارن مٿان تعلقه ٿاڻي عمرڪوٽ تي ڪيس داخل ڪيو هو