English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف نہ ڪري سگھيا، اھو ڪم ايوان صدر ۾ ويھي آصف زرداري ڪري رھيو آهي: اياز لطيف پليجو
60 views
|
18th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ سنڌو درياھ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نہ ڏيندو. 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا آئين ۾ ترميم سنڌ دشمني آھي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي آھي تہ سنڌو درياھ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪرڻ لاء 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا قانون ۾ ترميم خلاف جي ڊي اي ۽ قومي عوامي تحريڪ سميت 11 جماعتن جي سڏ تي اڄ سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن آڏو مظاهرا ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف نہ ڪري سگھيا، اھو ڪم ايوان صدر ۾ ويھي آصف زرداري ڪري رھيو آھي. سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ سنڌو درياھ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نہ ڏيندو. 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا آئين ۾ ترميم سنڌ دشمني آھي. انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ملڪ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. جنھن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي رھي آھي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري وڌي وئي آھي. ايوان صدر ۾ آصف زرداري جي سازشن ۽ سنڌو درياھ مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ لاء ارسا قانون ۾ ترميمون ڪرڻ خلاف 19 سيپٽمبر خميس ڏينھن سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڀرپور مظاهرا ڪيا ويندا، انھن مظاھرن ۾ قومي عوامي تحريڪ، فنڪشنل ليگ، ايس يو پي، جي يو آء، ايس ٽي پي، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، جئي سنڌ محاذ، پيپلزپارٽي ورڪرز، عوامي جھموري پارٽي، نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن سميت عوام وڏي تعداد م شرڪت ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ لاءِ ھر دور ۾ اڳواڻي وارو بنيادي ڪردار ادا ڪيو آھي. قومي عوامي تحريڪ ھر صورت ۾ سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي ۽ سنڌ جي حق لا۽ جدوجھد کي ترجيح ڏني آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ ۾ ريلوي نظام جي بحالي: ترقي، رابطن ۽ خوشحالي ڏانهن نئون سفر...!
11th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نادر خان جماليءَ جو بيگناھ قتل، ڇا ذميوارن کي سزا ملندي؟
11th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عالمي امن جو قاتل،دنيا ٽرمپ جي جاگير ناهي...؟
11th Jan 2026
•
سندھ
گندم اور آٹے کا بحران: یہ نااہلی نہیں، عوام کے خلاف کھلی جنگ ہے ڈاکٹر یونس دانش
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڪڙيو گھنور ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن ھاري ڪانفرنس ۽ يوم فاضل جو جلسه عام, اياز لطيف پليجو ۽ ٻيا شريڪ
11th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ ۾ ريلوي نظام جي بحالي: ترقي، رابطن ۽ خوشحالي ڏانهن نئون سفر...!
11th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نادر خان جماليءَ جو بيگناھ قتل، ڇا ذميوارن کي سزا ملندي؟
11th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عالمي امن جو قاتل،دنيا ٽرمپ جي جاگير ناهي...؟
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
آصف زرداري
ايوان صدر
سنڌو درياھ
ارسا قانون
0 تبصرے