شڪارپور ۾ جشن عيدميلادالنبي صه عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

ريلي جي اڳواڻي مفتي شفيق احمد قادري، مفتي محمد صديق القادري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا

شڪارپور ۾ جشن عيدميلادالنبي صه عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

شڪارپور( احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ 12 ربيع اول وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو مرڪزي جلوس دارالعلوم غوثیہ جیلانیہ جامعہ مجیدیہ تعلیم القرآن درگاہ شریف مدرسہ انوار مصطفي نقشبندي کان مرڪزي جماعت اهلسنت جمعيت علماء پاڪستان انجمن طلباء اسلام جي طرفان جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي جلوس ڪڍيو ويو هر طرف سرڪار جي آمد مرحبا جون صدائون بنلد ڪيو ويون ريلي جي قيادت مفتي شفیق احمد قادري. مفتي محمد صديق القادري علامہ لطف ﷲ قادري مفتي بشير احمد لاشاري صاحبزادہ فضل اللہ نوراني رهنما انجمن طلباء اسلام صوبہ سندھ ڪئي علامہ مولانا حبيب احمد قادري مولانا مسعود احمد قادري حضرت علامہ صبغت اللہ قادري خطاب ڪندي چيو ته جشن عيد ميلاد النبي ﷺ سڀني عيدن کان وڌيڪ خوشيءَ جو ڏينهن آهي ڇو جو ان ڏينهن تي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت جو ڏينهن آهي جنهن جي ڪري ﷲ پاڪ هن دنيا کي خلقيو آهي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي لکیدر گهنٽا گهر تي اختتام پذیر ٿي ان موقعي تي ڪامران رضا عطاري ضياء الدين رضا قادري. باز محمد مصطفائی . قاري محمد اطهر الدين.احسان اللہ معرفانی واجد سلطاني ،جھانزیب علي شيخ.قاري نعيم ﷲ مدني ۽ ٻيا شامل هئا.