ٺٽي ۾ به محسن ڪائنات پيغمبر اسلام حضرت مصطفيٰ صه جي ولادت جو جشن ملهايو ويو

ٺٽي ۽ مڪلي شھرن سميت ضلعي جي مختلف علائقن اندر ريليون ڪڍي مرحبا يا مصطفيٰ صه جا نعرا گونجندا رھيا

ٺٽي ۾ به محسن ڪائنات پيغمبر اسلام حضرت مصطفيٰ صه جي ولادت جو جشن ملهايو ويو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي ۾ به محسن ڪائنات پيغمبر اسلام خاتمه النبيين حضرت مصطفيٰ ﷺ جي ولادت باسعادت جي موقعي تي جشن عيد ميلادالنبي صه ڀرپور مذھبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ٺٽي ۽ مڪلي شھرن سميت ضلعي اندر ريليون ڪڍي مرحبا يا مصطفيٰ صه جا نعرا گونجندا رھيا، جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي مرڪزي ريلي مڪلي کان جماعت اهلسنت جي عالم شيخ الحديث مفتي عبدالرحمان ٺٽوي ۽ مولوي محمد يامين جماري جي اڳواڻي ۾ جامع مسجد مڪلي کان ٺٽي پھتي، جنھن ۾ جنگشاهي کان مولوي فضل اللّٰه جي اڳواڻي ۾ پهتل ريلي پڻ شامل ٿي ويئي، ٻئي طرف جماعت قادري جيلاني جي روحاني پيشوا پير غلام رضواني شاھ جيلاني ۽ پير غلام رحماني شاھ جيلاني جي اڳواڻي ۾ جيلاني هائوس مڪلي کان ڌار وڏي ريلي نڪتي جيڪا پڻ مڪلي جو گشت ڪندي ٺٽي پهچي مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿي ويئي، ٺٽي جي بادشاهي شاهجهان جامع مسجد ٺٽو کان جامع مسجد جي خطيب قاري عبدالباسط صديقي ۽ مولوي محمد شاڪر صديقي جي اڳواڻي ۾ پڻ ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن جو گشت ڪندي مين اسٽاپ تي پهچي مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿي، جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي ڏيھاڙي تي اھلسنت حسيني جماعت پاران جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ريلي جنگشاھي لڳ ڪوھستاني ڳوٺ علو جمعدار جوکيو کان درگاھ حضرت امير شاھ جيلاني جي خدمتگار غلام قادر جوکيو، حافظ صدام حسين جوکيو، شاھنواز جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي، جيڪا درگاھ حضرت امير شاھ جيلاني تي پھچڻ بعد دعائون گھرڻ بعد جنگشاھي پھتي، جتي ريلي مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿي ويئي، جيڪا ريلي جنگشاھي کان مولوي فضل الله جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي جيڪا جنگشاھي کان ٿيندي مڪلي بعد ٺٽي پھتي، ٻئي طرف جھمپير شھر ۾ جماعت اھلسنت پاران سيد محسن شاھ مٽياري، حافظ سيد سڪندر شاھ، حافظ سيد قمر الزمان شاھ، سيد بچل شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي، جنھن ۾ مرحبا يا مصطفيٰ ﷺ، سرڪار جي آمد مرحبا جون صدائون گونجنديون رھيون، ھوڏانھن ڇتوچنڊ کان مولوي ولي محمد بروهي جي قيادت ۽ فقير جو ڳوٺ کان محرم جاکرو، سڪندر جاکرو جي اڳواڻي ۾ پڻ نڪتل ريليون ٺٽي پهچي مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿيون، ٺٽي جي خضر حيات مسجد، سونارا گلي توڙي شاهي بازار ٺٽو، ھاء اسڪول ٺٽي جي ڳوٺ وڏيرو حاجي نور محمد بروھي توڙي روحاني طلبہ جماعت پاران وڏيرو شڪيل احمد بروھي، حاجي خير محمد بروھي، شاھجھان بروھي، سردار شاھد بروھي، مولوي عمران علي بروھي، نظير احمد بروھي، حيدر بروھي، شاھنواز بروھي، شاھجھان شڪر الاھي، سڄڻ علي جوکيو طاھري، حضور علي طاھري نڪتل جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جون ريليون پڻ ٺٽي پهچي مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿي ويون، جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي هڪ ڌار ريلي جماعت خادم الفقراءُ جي سرپرست صوفي ذوالفقار علي قادري جي قيادت ۾ پڻ مڪلي کان ٺٽي تائين ريلي ڪڍي ويئي، سموريون ريليون ٺٽي جي مين اسٽاپ تي پهچي مرڪزي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويون، جتي جماعت اهلسنت جي عالمن خطاب ڪندي چيو تہ 12 ربيع الاول پوري دنيا پنهنجي محسن سرور ڪائنات ٻنهي جهانن جي سردار انسانيت جي علمبردار آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت باسعات جو ڏيھاڙو انتهائي خوشي ۽ احترام سان ملهائي رهي آھي، اسان ٺٽي جا مسلمان به هن ڏينهن کي سڀني ڏينهن کان افضل سمجهون ٿا، ڇاڪاڻ جو اللّٰه پاڪ اسان جي پياري نبي ﷺ جي صدقي اسان مسلمانن سميت پوري ڪائنات کي وجود ۾ آڻي هزارين زميني مخلوق تي وڏو ٿورو ڪيو، بئي طرف سڄو ڏينهن شام تائين ٺٽي ۽ مڪلي سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن جھمپير، جنگشاھي، جھرڪ، سونڊا، ميرپور ساڪرو، ڳاڙھو، گهارو، گجو، ڍ ڌاٻيجي، ڪيٽي بندر، گهوڙاٻاري، ور، غلام اللّٰه، ڇتوچنڊ، فقير جو ڳوٺ، بگهاڙ موري، چليا ۽ ٻين شھرن ۾ پڻ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جون ريليون ڪڍي مرحبا يا مصطفيٰ ﷺ آقا جي آمد مرحبا حضور جي آمد مرحبا جي نعرن سان شھر ڳوٺ ۽ واهڻ وسنديون گونجنديون رهيون. ھوڏانھن ھيلايا ھائوس ڪينجھر تي حاجي محمد سليمان ھيلايو، جڏھن تہ ناريجا ڳوٺ ۾ حاجي علي حسن ناريجو ۽ مولوي يامين جماري پاران منعقد ڪيل محفل ميلاد ۾ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، سيد امتياز شاھ شيرازي، سيد مھتاب شاھ شيرازي، حاجي حنيف ميمڻ، حاجي علي نواز جاکرو سميت وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا شريڪ ھئا، منعقد ڪيل ميلاد جي محفلن کي علماء اڪرامن خطاب ڪري حضور اڪرم ﷺ جي زندگي تي روشني وڌي، ان موقعي تي يوسي چيئرمين شاھنواز ھيلايو، احمد ھيلايو، علي محمد سومرو ۽ ٻيا معززين پڻ موجود هئا، آخر ۾ ننگر نياز پڻ ڪيو ويو. ھوڏانھن شاهي بازار ٺٽو ۾ شيرازي امام بارگاه تي سيّد تنوير حيدر شاھ شيرازي، سيد طالب شاھ ۽ ظهيب شاھ شاھ شيرازي پاران سرور ڪائنات حضرت محمّد مصطفي صلي اللّه عليه وآله وسلم ۽ حضرت امام جعفر صادق عليه سلام جي ولادت با سعادت جي ميلاد شريف جي ريلي جو استقبال ڪندي علماء ڪرامن کي گلن جا هار پھرايا ويا. بئي طرف جھمپير شھر جي مرتضيٰ آباد ڪالوني ۾ سرور ڪائنات محبوب خدا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت باسعادت جشن امد رسول خدا جي سلسلي ۾ جشن مدحت معصومين جي تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ مشھور نعت خوان سيد غلام حيدر شاھ شيرازي، مير تڪلم، ذيشان عابدي، احمد رضا ناصري، شاعر حسين، شاعر سجاعت حسين جعفري، مير يوسف، مير حسين جعفري منقبت سوز خواني ۽ اھلبيت جو شان بيان ڪيو، جنھن ۾ ٺٽي، ڪراچي ۽ حيدراباد جي مومنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.