جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سان ملاقات

جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سان ملاقات

جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سان ملاقات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي جي پارليامينٽ هائوس ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ عمر ايوب سان ملاقات، ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ حق جي غلبي لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق سميت گڏيل دلچسپي جي مامرن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. محمد حسين محنتي چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين ڪري ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، سياسي توڙي معاشي صورتحال تي ھر محب وطن شهري پريشان آهي جڏهن ته وڌندڙ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. ڪشمير جي مسئلي کان وٺي ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن حڪومت توڙي سيڪورٽي ادارن جي ڪارڪردگي کي سواليه نشان بڻائي ڇڏيو آهي. ميثاق جمهوريت وانگر ميثاق معيشت ذريعي حالتن کي بهتر جڏهن ته فارم45 مطابق حڪمراني ڪرڻ سان ئي ملڪ ۾ استحڪام اچي سگهي ٿو.