English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ صحافين جي قتل خلاف ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو
248 views
|
02nd Jun 2024
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ صحافين جي قتل خلاف ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو
شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ شهيد نصر الله گڏاڻي ۽ شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري توڙي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان سلسلي ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي سڏ تي جھاز چوڪ کان شڪارپور پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو جنهن ۾ صحافين،سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي توڙي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, احتجاج جي اڳواڻي جاويد راھوجو,ذوالفقار مڱسي,احسان جيھو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا, ڌرڻي ۾ سلطان رند,ھمير چانڊيو,عبدالوھاب ڪاغذي,ڪامريڊ اسد سومرو,حسام ميمڻ,طيب انقلابي,ديدار بلوچ,زاھد سنجراڻي,عتيق ڌڪڙجانثار کوسو,راشد معرفاڻي ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته شهيد نصر الله گڏاڻي ۽ شهيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سنڌ حڪومت ۽ پوليس انتظاميا جي انتھائي نااهلي آهي ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ حڪومت شهيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران بچائڻ ۾ رڌل آهي,اڳواڻن چيو ته پريا ڪماري کي ٽي سال گذري ويا آهن پر حڪومتي ۽ پوليس جي ڪن لاٽار سبب نياڻي اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته پوليس روزانو رڳو شهيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ جا سکڻا آسرا ڏئي رهي آهي،ھنن وڌيڪ چيو ته اسين ڊي آء جي سکر سيد پير محمد شاهه ۽ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان مطالبو ٿا ڪيون ته نااھل ايس ايس پي گهوٽڪي کي هٽائي شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري انهن جي سرپرستن کي وائکو ڪري سنگرار مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي سنڌ جي قلم ڌڻين ۽ شعور وند ڌرين ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي,احتجاج ۾ گلزار احمد کوسو,عاشق ڊومڪي,منظور کوسو,عرس چوھاڻ,مشرف کوسو,غمٺار دل,ذيشان بليدي,مير ذوالفقار جيھو,آفتاب مھر,عبدالغني بروھي,ابرار چانڊيو,نعيم چانڊيو,طاھر جان ڀٽو,ڀاڳچند وليچا,الھداد شر ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ کے نوابوں سے پنجاب کی ترقی ہضم نہیں ہو رہی: عظمیٰ بخاری
23rd Jul 2026
•
شوبز
’’ہمارے نوجوان بھارت کے روشن مستقبل کے لیے لڑ رہے ہیں‘‘ سلمان، عالیہ اور دیگر فنکاروں نے طلبہ کی حمایت کر دی
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پراڻي دشمني تان عدالت مان واپسي دوران پيرسن قتل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: لاسي برادري جو نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مڪلي ويجهو باءِ پاس تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن جو افتتاح
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء ڪٺ ٿي گذريو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
شھيد جان محمد مھر
شهيد نصر الله گڏاڻي
نياڻي پريا ڪماري
0 تبصرے