نوشھروفيروز جو ناليوارو وڪيل ۽ مزاحمتي ڪردار استاد محمد مٺل لوھاچ لاڏاڻو ڪري ويو

نوشھروفيروز جو ناليوارو وڪيل ۽ مزاحمتي ڪردار استاد محمد مٺل لوھاچ لاڏاڻو ڪري ويو

نوشھروفيروز جو ناليوارو وڪيل ۽ مزاحمتي ڪردار استاد محمد مٺل لوھاچ لاڏاڻو ڪري ويو

نوشهرو فيروز (ڊر) نوشهرو فيروز جي نالي واري وڪيل ۽ مزاحمتي ڪردار استاد محمد مٺل لوهاچ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي نماز جنازا سندس اباڻي ڳوٺ گل محمد بلر ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ضلعي بار نوشهرو فيروز جي سينئر ۽ جونيئر وڪيلن سميت سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي پوئيرن سان ڏک جو اظهار ڪندي اعجاز ممنائي۔ مولانا ثمر رضا غديري۔ايڊوڪيٽ امر امتياز محمد سليم مولانا شهاب الدين شاهه۔ عبدالرحيم عباسي ۽ ٻين شامل چيو ته جن محمد مٺل سچو ۽ کرو انسان هئڻ سان گڏ مزاحمتي ڪردار هو هن ڪڏهن به ڪنهن طاغوت اڳيان سر نه جهڪايو پر انهن طاغوتي قوتن خلافت بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ آخري گهڙيء تائين وڙهندو رهيو۔ پاڻ بهترين استاد سان گڏ بهترين وڪيل پڻ رهيو ان جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، سندس خال ڀرجڻ نهايت مشڪل آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندس قبر روشن فرمائي۔