سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا

سکر/ سجاول/ پنوعاقل/ سڪرنڊ (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سکر، سجاول، پنوعاقل، سڪرنڊ، ڪنري، اڏيرو لال ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، سجاول ۾ ايس ٽي پي يونٽ جاتي چوڪ ۽ سماجي ورڪر نوجوانن پاران ميرپور ماٿيلي جي بيباڪ بھادر صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي ناحق قتل خلاف ايس ٽي پي ضلعي سجاول جي نائب صدر اشرف ٿھيم ضلعي رابطا سيڪريٽري ممتاز علي لغاري رشيد سولنگي اسماعيل جت لونگ جت حسين سنڌي راجا نواز ملاح سماجي ورڪر زوار ابراھيم کوڙ جاويد هاشمي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندَي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي بيباڪ بھادر صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آھي ڇاڪاڻ جو شھيد نصرالله گڏاڻي ھميشه ڀوتارڪي ڪلچر وڏيرا شاهي ۽ سرداري نظام کي للڪاريو جنھن ھميشه مظلومن مسڪينن جي ترجماني ڪئي جنھن قلم جي نوڪ سان حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو جنھن جي بيگناھ قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ گڏوگڏ اھو پڻ پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته شھيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي فورن گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ، ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي صحافين سميت جيڪو به سنڌ جي مظلوم ماڻھن جي حق لاء آواز اٿاري ان کي قتل ڪري رستي تان هٽايو وڃي ٿو موجوده نام نهاد حڪمران توڙي پاڪستاني رياست سنڌ جي غيرتمند نوجوانن لاء ڏائڻ بنجي چڪي آهي توھان ڏٺو ھوندو ته ڪڏھن اسانکي شھيد بشير خان قريشي جو لاش ڏنو ٿو وڃي ڪڏھن شھيد الطاف جسڪاڻي جھڙا ڪونڌر پٽ ماريا وڃن ٿا ڪڏھن قومي ورڪر افضل لنڊ کي شھيد ڪيو ٿو وڃي ته ڪڏھن وري صحافي قلم ڌڻين عزيز ميمڻ خان محمد مھر نصرالله گڏاڻي کي شھيد ڪري اسان کي انھن جا لاش ڏنا ٿا وڃن اسان انھن حڪمرانن وڏيرن ڀوتارن سردارن رياستي دلالن کي ٻڌائڻ چاھيو ٿا ته اھو ظلم ھاڻي بند ٿيڻ گھرجي جيڪڏھن اڃان به توھان جون سازشون عقوبتون منافقيون ستم گيريون بند نه ٿيون ته اھو ڏينھن پري ناھي ھي سنڌ جا باشعور ماڻهو اوھان جي اڏيل ھن ڪوڙي ڪاڪ محل کي ڀڃين ڀورا ڪري ڇڏيندا ۽ اوھان کان ھر بيگناھ جي خون جو حساب وٺندا آخر ۾ شھيد نصرالله گڏاڻي جي بيباڪ صحافت وطن ۽ قوم سان محبت تي سرخ سلام پيش ڪيو ويو. ھوڏانھن سکر ۾ شهيد نصرالله گڏاڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪاليج جي شاگردن سکر پريس ڪلب پهچي شهيد نصرالله گڏاڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. ، مظاهري جي اڳواڻي خليل، سجاد، شاهزيب ۽ شيرزمان ڪري رهيا هئا. سندن چوڻ ھو تھ شهيد نصرالله گڏاڻيءَ کي ڀوتارن، وڏيرن، سردارن، جاگيردارن خلاف حق سچ ڳالهائڻ تي قتل ڪيو ويو. نصرالله گڏاڻيءَ بي پهچ، غريبن جو همدرد ۽ هڏڏوکي هيو. شهيد صحافي جاگيرداري، ڀوتارڪي نظام کي للڪاريو. پوليس ڀوتارن، سردارن جا ڪمداريءَ ۽ پروٽوڪول ۾ پوري آهي. هن وقت تائين شهيد نصرالله گڏاڻيءَ جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ پوليس جي ناڪامي آهي. پوليس شهيد نصرالله گڏاڻيءَ جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش برداش نه ڪئي ويندي. آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر نوٽيس وٺي فوري قاتلن کي گرفتار ڪن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي به وائکو ڪيو وڃي. ٻي طرف سڪرنڊ ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي بي رحماڻي قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ، پ پ شھيد ڀٽو پاران اسٽيشن روڊ کان نيشنل پريس ڪلب تائين شوڪت علي ڀاڻوجو ، شاھد علي چانڊيو ، طالب حسين انڙ ، منصور جلباڻي ، شعيب ڪيريو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن ۽ ان جي سھولتڪارن خلاف سخت نعريبازي گرفتاري جو مطالبو ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اتر سنڌ ۾ حق سچ لکندڙ بي باڪ صحافين کي ٽارگيٽ ڪري شھيد ڪيو پيو وڃي جڏهن تہ سنڌ ھن وقت صحافين لاءِ مقتل گاھ بڻيل آهي آخر ڪيستائين حق سچ لکندڙ قلم ڌڻين کي بيدرديءَ سان ماريو ويندو ھنن چيو تہ شھيد نصرالله گڏاڻي جو قتل انسانيت ۽ شعور جو قتل آھي سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ شھيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن ۽ انھن جي سھولتڪارن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاسي چاڙهيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو، ھوڏانھن ڪنري ۾ شھيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف جسقم جي احتجاجي ريلي مظاهرو ڌرڻو. جسقم ضلعي آرگنائيز محمد رمضان خاصخيلي، گل احمد، نادر سنڌي جي اڳواڻي ۾ آمريڪن چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي شھر جي مختلف علائقن کان ٿيندي نيشنل پريس ڪلب ڪنري پھتي سخت ناري بازي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي صحافين جي قتل، سرداري نظام، ڀوتارڪي نظام خلاف سخت نعريبازي ڪئي، سندن چوڻ ھو تھ مير پور ماٿيلو جي صحافي نصرﷲ گڏاڻي کي وچ شهر م گوليون ھنيون ويون قتل ڪيو ويو پر انڌي قانون کي قاتلن جي سڀ خبر ھوندي به قاتل گرفتار ڪون پئي ڪري شھيد نصر الله گڏاڻي جا قاتل فورن گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت م پوري سنڌ بند ڪرائي احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.