شڪارپور: لکي ۾ جي يو آءِ ڪارڪن ثناءُ اللھ سومرو جي بازيابي لاءِ احتجاج

شڪارپور: لکي ۾ جي يو آءِ ڪارڪن ثناءُ اللھ سومرو جي بازيابي لاءِ احتجاج

شڪارپور: لکي ۾ جي يو آءِ  ڪارڪن ثناءُ اللھ سومرو جي بازيابي لاءِ احتجاج

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي تعلقه لکي ۾ جي يو آء طرفان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان اغوا ٿيل جي يو آء جو ڪارڪن ثناءﷲ سومرو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، تفصيل موجب شڪارپور واسي پورهيت ثناءﷲ سومرو اڃان تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهي، جنھن جي بازيابي لاءِ جي يو آء تعلقه لکي جي عھديداران مولانا غلام ﷲ مھر، مولانا تاج محمد مھر، حافظ رفيق احمد شر، مولانا رحيم بخش مهر، مولانا عبدالقدوس کوسو، حبيب ﷲ منگي، مولانا محمد موسي جتوئي، حافظ امان ﷲ مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھرين ڳالھائيندي چيو ته ضلعي شڪارپور ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي ھر آئي ڏينهن قتل غارتگري، اغوا، ڦرلٽ جا واقعا معمول بڻيل آهن، گذريل ڪيترن ئي مھينن کان جي يو آء جو ڪارڪن ثناء ﷲ سومرو کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، اسان ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون کان مطالبو ٿا ڪيون ته مغوي ثناء ﷲ سومرو کي ۽ جلد کان جلد بازياب ڪرائي جماعت ۽ مغوي جي وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي