ميرپورخاص قتل ٿيل وڪيل سيد اعجاز شاھھ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مٺي ۾ احتجاج

ميرپورخاص قتل ٿيل وڪيل سيد اعجاز شاھھ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مٺي ۾ احتجاج

ميرپورخاص قتل ٿيل وڪيل سيد اعجاز شاھھ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مٺي ۾ احتجاج

مٺي(رپورٽر) ميرپورخاص ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل وڪيل سيد اعجاز شاهه جي اصل قاتلن جي گرفتاري ۽ پوليس پاران نامزد جوابدارن جي پٺڀرائي ڪرڻ خلاف مٺي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو پريس ڪلب مٺي اڳيان ٿيل مظاهري ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن عادل شاهه، عاشق بجير، مصطفي شاهه، عمران شاهه ۽ ٻين چيو ته ميرپورخاص پوليس جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ بدران پٺڀرائي ڪري رهي آھي گرفتار عورت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سيد اعجاز شاه جو ناحق قتل ٿيو آھي وارثن پاران پوليس کي جاچ ٽيم تبديل ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي وئي پر انهي تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آھي ۽ ميرپورخاص پوليس انهي قتل ۾ ملوث ليڊي اهلڪار مبينه سمون کي بچائڻ جون ڪوششون ڪري پئي هنن چيو ته اعليٰ اختياريون انهي معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ اڻ ڌري جاچ ڪري جوابدارن کي ليفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.