عمرڪوٽ ۾ مليريا جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان آگاھي ريلي ڪڍي وئي، سيمينار بھ منعقد

عمرڪوٽ ۾ مليريا جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان آگاھي ريلي ڪڍي وئي، سيمينار بھ منعقد

عمرڪوٽ ۾ مليريا جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان آگاھي ريلي ڪڍي وئي، سيمينار بھ منعقد

عمرڪوٽ(ڊ ر) مليريا جي عالمي ڏهاڙي تي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس عمرڪوٽ ۽ ڪميونٽي ميڊ وائف اسڪول , کان واڪ ڪئي ويئي مليريا جي عالمي ڏينهن تي سمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر احمد علي سميجو ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر چيو ته ڊسٽرڪٽ عمرڪوٽ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام NRSP) 87 پبلڪ ۽ پرائيوٽ اسپتالن ۾ مليريا جو پروجيڪٽ هلائي رهيو آهي هي پروجيڪٽ ڊائريڪٽوريٽ مليريا ڪنٽرول پروگرام اسلام آباد جي تعاون سان هلي رهي آهي . علي نواز راهمون ڊسٽرڪٽ ڪورآڊينٽر نيشنل رورل سپورٽ پروگرام ( NRSP) چيو ته دوا لڳل مڇرداني جو استعمال ڪريو . بخار اچڻ جي صورت ۾ ڀرواري صحت سينٽر تي مليريا جي ٽيسٽ جي مفت م سهوليت موجود آهي ڊاڪٽر محمد افضل فوڪل پرسن مليريا عمرڪوٽ چيو ته مليريا جي بچاءِ لاءِ خراب پاڻي پيئڻ نه ڏيو کڏ واري سان ڀري ڇڏيو ڊاڪٽر ايسرداس سوٽهڙ چيو ته لوشن ۽ جليبي جو استعمال ڪريو ۽ گهر جي دروازن تي ڄاري لڳايو. رٽائرڪرنل شريف الدين ڊسٽرڪٽ مئنيجر PPHI چيو ته مليريا جي بچاءِ لاءِ علائقي صاف سٿرو رکو. صحت کاتي پاران ملندڙ دوا جو استعمال ڊاڪٽر جي هدايتن مطابق ڪيو . ڊاڪٽر شيرمهر، ڊاڪٽر محمد اعظم کوسو ڊاڪٽرن ڊاڪٽرياڻين ۽ مليريا ٽيم نويد احمد چروار پڻ شرڪت ڪئي