ڪوٽڙي: خدا جي بستي واري علائقي مان 2 ڀينرون مبينا اغوا، 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڪوٽڙي: خدا جي بستي واري علائقي مان 2 ڀينرون مبينا اغوا، 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڪوٽڙي: خدا جي بستي واري علائقي مان 2 ڀينرون مبينا اغوا، 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي مان 2 ڀينرون مبينا طور اغوا، ڪيس داخل، ڪوٽڙي جي خدا جي بستي واري علائقي مان هٿيارن بند گهر ۾ داخل ٿي ڪري ٻن نوجوان ڀينرن کي مبينه طور اغوا ڪري ويا، ڀاء جي فرياد تي چئن جوابدارن مٿان ڪيس داخل، ڪوٽڙي سائيٽ جي خدا جي بستي جي رهواسڻ ٻن ڀينرن 25 ورهين جي شادي شده نسيما ۽ 16ورهين جي سيما کي چار هٿيارن بند گهر ۾ داخل ٿي ڪري گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي مبينه طور اغوا ڪري ويا، مغوي نارين جي ڀاء پيربخش گاڏهي جي فرياد تي ڪوٽڙي ٿاڻي تي چئن جوابدارن اسد علي۔ماجد علي۔طالب حسين ۽ هڪ نامعلوم مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آھي داخل ڪيل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آھي ته اسان گهر ۾ ويٺا هئاسون ته اچانڪ در کڙڪيو هو ۽ در کوليو ته چار ڄڻا جن جي هٿن ۾ هٿيار هئا زبرستي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ اسان مٿان هٿيار سڌا ڪندي خاموش رهڻ جو چئي اسان جي ٻن ڀينرن نالي 16 ورهين جي سيما۽ 25 ورهين شادي شده نسيما کي زبردستي کڻي اغوا ڪري ويا آھن