حيدرآباد جي گهمن آباد واري علائقي ۾ عيد ڏهاڙي ذهني معذور نينگري سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف

حيدرآباد جي گهمن آباد واري علائقي ۾ عيد ڏهاڙي ذهني معذور نينگري سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف

حيدرآباد جي گهمن آباد واري علائقي ۾ عيد ڏهاڙي ذهني معذور نينگري سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف

حيدرآباد(بيورو) حيدرآباد جي گهمن آباد واري علائقي ۾ عيد جي ڏينهن خرچي بهاني ذهني طور مفلوج 14 ورهين جي نينگري سان اجتماعي زيادتي جو انڪشاف, پوليس 2 جوابدار گرفتار ڪري ورتا، 10 اپريل تي نينگري سان زيادتي ٿي پوليس11 ڏينهن يعني 21 اپريل تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو گهمن آباد جي گهٽي نمبر جي گهر نمبر 92 ۾ رهائش پذير 14 ورهين جي ملڪه لاشاري ڌيءِ رمضان لاشاري کي پاڙي ۾ رهائش پذير 2 نوجوانن حوس جو نشانو بڻايو نينگري جي امڙ جو چوڻ ھو تھ 10 اپريل تي عيد جي ڏينهن نياڻي ملڪه شيءِ وٺڻ لاءِ ٻاهر دڪان تي وئي جتي گهٽي ۾ ويٺل شاهد بلوچ ۽ نديم بلوچ کيس عيد خرچي ڏيڻ بهاني پاڻ سان گڏ وٺي ويا، شاهد بلوچ نياڻي ملڪه کي پنهنجي گهر وٺي ويو جتي ڇت تي ساٿي نديم سان گڏجي کيس حوس جو نشانو بڻايو. ملڪه جي ذهني حالت درست ناهي جنهن ڪري هو ساڻن ڳالهين ۾ اچي جوابدارن سان سندن گهر وئي، پوليس جو چوڻ ھو تھ جوابدارن کي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 6 جي عدالت ۾ پيش ڪري 3 ڏينهن جو رمانڊ ورتو آهي.