سنڌ مان نڪرندڙ گئس ٻيا صوبا استعمال ڪري رھيا آھن: اياز لطيف پليجو

سنڌ مان نڪرندڙ گئس ٻيا صوبا استعمال ڪري رھيا آھن: اياز لطيف پليجو

سنڌ مان نڪرندڙ گئس ٻيا صوبا استعمال ڪري رھيا آھن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ مان نڪرندڙ گئس ٻيا صوبا استعمال ڪري رھيا آھن، سنڌ ۾ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري گئس بند ڪئي وئي آهي. زرداري ٽولو اقتدار لاءِ سنڌ جي وسيلا لٽائي رھيو آھي. سنڌ سڀني صوبن کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. الميو اھو آھي تہ جتان گئس ۽ پيٽرول نڪري ٿو، اتي مقامي ماڻھن لاءِ دروازا بند ڪري ٻين صوبن جي ماڻھن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون. ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ائين ناھي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو، گئس تي ڌاڙو، پئٽرول تي ڌاڙو، ڪارونجھر، ڪوھستان، ساحلي پٽي ۽ ٻين علائقن جي لکين ايڪڙ زمين تي ڌاڙو ھڻي سنڌ کي مال غنيمت ڪري لٽيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون لٽائڻ ۾ سھولتڪار بنيل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جتان گئس ۽ تيل نڪري ٿو، اتي جي مقامي آبادي کي مفت گئس جي سھولت انھن جو قانوني حق آھي پر انھي تي بہ عمل نٿو ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا وسيلا لٽڻ بند ڪيا وڃن. گئس جي ھٿرادو بندش بند ڪئي وڃي. سنڌ جي وسيلن تي صرف سنڌ جي ماڻھن جو حق آھي. پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي واري روش بند ڪئي وڃي. پھرين سنڌ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کانپوء جيڪڏھن گئس بچي ٿي تہ اھا قانوني طور تي ٻين صوبن کي ڏني وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قدرت ماءُ وسيلن سان سنڌ کي نوازيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن طبقي ۽ طاقتور ماڻھن لاءِ سنڌ کي مال غنيمت بنايو ويو آھي ۽ غريب ماڻھن، پورھيتن، ھارين لاءِ سنڌ ۾ وک وک تي پنجوڙ آھن، انھن لاءِ نہ پيئڻ جو صاف پاڻي آھي، نہ تعليم، نہ صحت، نہ روزگار ۽ نہ ئي قانون يا انصاف آھي ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. حڪمران سنڌ کي لٽڻ ۽ تباھ ڪرڻ بند ڪن.