لاڙڪاڻو: موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

لاڙڪاڻو: موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

لاڙڪاڻو: موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

لاڙڪاڻو شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد لهر ڪالوني ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن 18 ورهين جي نوجوان علي عباس پٽ علي گل کهاوڙ کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي وارثن کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ علي رضا کهاوڙ ٻڌايو ته 3 مهينا اڳ اسان جو پنهنجي ئي ماساتن سان جهيڙو هلندڙ هو اڄ ماسات بشير کهاوڙ، حسين کهاوڙ ۽ هڪ نا معلوم جوابدار گوليون هڻي منهنجي ڀاءُ علي عباس کهاوڙ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.

ان حوالي سان حيدري پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب نوجوان جو پنهنجي ئي برادري سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.