سنڌ جي مشھور درگاھ عبداللّه شاھ اصحابي جو ساليانو ميلو پڄاڻي تي پھتو, زائرين پاران سھولتن جي کوٽ جون دانھون

سنڌ جي مشھور درگاھ عبداللّه شاھ اصحابي جو ساليانو ميلو پڄاڻي تي پھتو, زائرين پاران سھولتن جي کوٽ جون دانھون

سنڌ جي مشھور درگاھ عبداللّه شاھ اصحابي جو ساليانو ميلو پڄاڻي تي پھتو, زائرين پاران سھولتن جي کوٽ جون دانھون

ٺٽو( شفيق ڀٽي)سنڌ جي نالي واري مشھور درگاھ عبداللّه شاھ اصحابي جو سالونو ٽي روزہ لڳندڙ ميلو اڄ (ڪالھ) پنھنجي پڄاڻي تي پھتو،جڏھن تہ درگاھ تي اوقاف کاتو پاران مقرر مئيجر توڙي ٻين ملازم پاران ايندڙ زائرين لاءِ ڪوبہ رھائش توڙي لنگر جو صحيح نموني سان بندوبست نہ ڪري سگھيا درگاھ ۾ ايندڙ ڪيترين ئي زائرين شڪايتون ڪندي چيو آھي تہ درگاھ تي ڪنھن بہ قسم جي سھولت موجود ناھي جنھن سبب ماڻھون ڪافي مشڪلاتن کي منھن ڏيندي چيو تہ پيئڻ جي پاڻي توڙي لنگر جو بہ صحيح طريقي سان بندوبست ناھي ڪيو ڪيترائي ماڻھون درگاھ جي لنگر کان محروم بڻيل ھئا،جڏھن تہ انھيءَ سالاني ميلي ۾ خرچي جي مد ۾ لکين روپين جا ڪوڙا بل ٺاھي مٿي موڪلي لکين روپيا مقرر ملازم پاڻ ۾ ونڊ ورھاست ڪري ڳڙڪائيندا آھن ذريعن وٽان اھو پڻ معلوم ٿيو آھي تہ ھن وقت لڳندڙ ميلي ۾ ھزارين جي تعداد ۾ پانڌيئڙا آيا ھئا جن پاران درگاھ تي پوندڙ لکين روپين جا پڙ چادرون درگاھ تان لاھي وڪرو ڪري اھي پئسا درگاھ جي ڪمن تي خرچ ڪرڻ بدران مقرر مئنيجر ۽ ٻيا ملازم پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري خردبرد ڪري کائي ويا آھن،ھوڏانھن ايندڙ ميلي ۾ عورتن چيو آھي تہ درگاھ ايندڙ واش روم جا در بہ ناھين اسان کي مجبورن پنھنجون مٿي تان گنديون لاھي دروازن تي اوڍ ڏيندي اسان واشروم ۾ ويا آھيون،لکين جي ملندر بجٽ آخر ڪٿي پئي خرچ ٿئي ھيڏي وڏي ٺٽي جي نالي واري درگاھ آھي جتي ڪنھن بہ قسم جي ڪابہ سھولت موجود ناھي،محڪمہ اوقات جي منسٽر توڙي ٻين وس وارن ادارن کان مطالبو آھي تہ مقرر درگاھ عبداللّه شاھ اصحابي تي مئنيجر ۽ ٻين ملازمن کان پڇاڻو ڪري زائرين سان پيش ايندڙ مئسلا حل ڪيا وڃن