سجاول ۾ ٽائون چيئرمين سيد آفتاب شاھھ شيرازي جي صدارت ۾ اجلاس

سجاول ۾ ٽائون چيئرمين سيد آفتاب شاھھ شيرازي جي صدارت ۾ اجلاس

سجاول ۾ ٽائون چيئرمين سيد آفتاب شاھھ شيرازي جي صدارت ۾ اجلاس

سجاول(گلشيرميرڀحر) چئيرمين ٽائون ڪاميٽي سجاول سيد آفتاب شاھ شيرازي جي صدارت ھيٺ رمضان المبارڪ جي بارڪت مھيني جي حوالي سان اجلاس منعقد ڪيو ويو اجلاس جي ڪارروائي وائيس چيئرمين ساجد لغاري ھلائي اجلاس ۾ ڪائونسلر مولوي حسن قاسمي، آفتاب حسنيه پھنور،ظفر حميد ميمڻ،محمد قاسم ملاح،سيد شھزاد علي شاھ بخاري،فراز لغاري۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته رمضان المبارڪ جو مھينو پوري امت مسلمه لاء عبادت جو مھينو آھي ھن مھيني جو اسلام ۾ وڏو رتبو آھي، ۽ رمضان المبارڪ جي مھيني جو احترام ڪرڻ ھر مسلمان جمتي فرض آهي ،جنھن لاء ضلع انتظاميه ۾ کي گھرجي ته شھر ۾ ھوٽلن ۽ سرعام کائڻ پيئڻ تي سختي سان منع ڪري رمضان جي احترام جو عمل ڪرائين،۽ اجلاس ۾ چئيرمين ٽائون ڪاميٽي سجاول سيد آفتاب شاھ شيرازي وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن چيو ته سجاول شھر ۾ صفائي جي نظام کي بهتر بڻائڻو ويندو ۽ خاص ڪري مسجدن جي رستن کي صاف سٿرو رکيو ويندو ۽ انھن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي تہ سحري افطاري ۽ تراويح نماز جي وقت لوڏشينگ نه ڪئي وڃي