اي ايڇ ينگ ورلڊ اڪيڊمي مليرپاران شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ تقريب منعقد

اي ايڇ ينگ ورلڊ اڪيڊمي مليرپاران شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ تقريب منعقد

اي ايڇ ينگ ورلڊ اڪيڊمي مليرپاران شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ تقريب منعقد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اي ايڇ ينگ ورلڊ اڪيڊمي ملير بن قاسم شاه ٽائون ۾ ساليانو فنڪشن پوزيشنز حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پرائز ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورھائڻ واري تقريب ٿي گذري, اسڪول جي شاگردن جي والدين سميت گلشن حديد جي تعليمي دانن ۽ سماجي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي۔ آيل مهمانن ۾ گرين انسٽيٽيوٽ جي سي اي او سيد ڪميل شاھ شاگردن جي ٽيلنٽ ۽ ڪاميابي تي اي ايڇ ينگ ورلڊ جي سي اي او عرفان عباسي ۽ مينيجمنٽ کي ڀرپور داد ڏنو، انعام ۽ ايوارڊ پنهنجي ھٿن سان شاگردن کي ڏنا۔ مهمانن ۾ اي ڪامپليڪس گلشن حديد جو سي اي او زاهد اقبال بوٽا سائين نذير چنو صاحب، سائين منير قاضي صاحب، صحافي اعجاز سمون, صحافي راهب ڳاهو، اڳوڻو يو سي چئرمين محراب بلوچ، سٽي آف ناوليج جي پرنسپال اختر عباس، انجنئير منير سيال صاحب، گلبهار لڪ صاحب ۽ حسين لڪ صاحب شامل ھئا۔ اي ايڇ جي شاگردن ء شاگردياڻين انگلش اردو ۽ سنڌي ۾ تعليم جي اهميت تي تقريرون ڪيون ۽ مختلف ٽيبلو پيش ڪري ڀرپور داد وورتو ۔ ڪامياب شاگردن شاگردياڻين ۾ ايوارڊ، ميڊلز, سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا۔ آخر ۾ هو جمالو جي گيت تي جھمرين سان پروگرام پڄاڻي تي پهتو۔