عوام جي خدمت اسان جو مقصد آهي، اسان پنهنجي سياست ۾ هميشه عوام جي خدمت کي اوليت ڏني آهي: پ پ اميدوار علي نواز عرف راجا خان مھر
گهوٽڪي(رپورٽر)ميونسپل ڪميٽي وارڊ نمبر 13 جي ڪائونسلر رائو محمد نديم پاران صوبائي تڪ پي ايس 21 تي پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار سردار علي نواز عرف راجا خان مهر جي اعزاز ۾ ڪارنر ميٽنگ منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ اڳوڻو ڪائونسلر رائو محمد سرور، ڊاڪٽر رائو سڪندر علي، ايڊووڪيٽ رائو نديم اختر، ايڊووڪيٽ رائو عابد علي، راڻا ساجد نثار، ايڊووڪيٽ رانا جاويد علي، ايڊووڪيٽ رائو آصف علي، ايڊووڪيٽ رائو ساجد علي، محمد بلال حفيظ، رائو پرويز علي، محمد سهيل صديقي، راڻا امجد سميت راجپوت برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي سردار علي نواز عرف راجا خان مهر چيو ته عوام جي خدمت اسان جو مقصد آهي، اسان پنهنجي سياست ۾ هميشه عوام جي خدمت کي اوليت ڏني آهي. اسان پنهنجي دور ۾ تڪ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. عوام اسان جي ڪم کي اڄ به ياد ڪندا آهن انشاءَ الله هن ڀيري به عوام جي دعائن ۽ ووٽن ذريعي ڪاميابي حاصل ڪري عوام جي خدمت جو سلسلو اتان کان ھي شروع ڪنداسين. ان موقعي تي اڳوڻو ميونسپل چيئرمين سيد اصغر علي شاهه گيلاني، سڪندر علي لاکو، سيد الله ودايو شاهه، سيد رضون شاهه، مڪي ڪيڪا رام، عبدالمجيد لاکو، رانا شوڪت علي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
0 تبصرے