ڪراچي پريس ڪلب ۾ اليڪشن رپورٽنگ بابت عورت صحافين جو تربيتي ورڪشاپ

ڪراچي پريس ڪلب ۾ اليڪشن رپورٽنگ بابت عورت صحافين جو تربيتي ورڪشاپ

ڪراچي پريس ڪلب ۾ اليڪشن رپورٽنگ بابت عورت صحافين جو تربيتي ورڪشاپ

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ۾ اليڪشن رپورٽنگ جي حوالي سان عورت صحافين جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ٿيو، ڪالھھ ڪراچي پريس جي پروفيسر شاھدا قاضي ڪامپليڪس ۾ اليڪشن جي حوالي سان تربيتي ورڪشاپ ٿيو، تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي ۽ ٽرينر عبدالجبار ناصر چيو تھ اليڪشن ۾ سڀ کان ڊيٽا ھوندي آھي، جيڪا محفوظ ڪرڻ گھرجي، جڏھن تھ اھا ڊيٽا اليڪشن کان اڳ، اليڪشن واري ڏينھن ۽ اليڪشن کان پوءِ بھ ڪم ايندي آھي جنھن مان پنھنجي رپورٽ تيار ڪبي آھي، ھن چيو تھ اليڪشن واري ڏينھن تي رپورٽنگ جي لاءِ سڀ کان اھم ڳالھھ اھا ھوندي آھي تھ ماڻھو پنھنجو احتياط ڪري ڇاڪاڻ تھ اسان خبر لاءِ ويندا آھيون، خبر ٿيڻ جي لاءِ نھ، انھي جي ڪري رپورٽنگ جي دوران سڀ کان وڌيڪ احتياط سان ڪم ڪرڻ گھرجي، ان موقعي تي غزالا فصيح پڻ عورت صحافين کي اليڪشن جي حوالي سان پنھنجا تجربا شيئر ڪيا ۽ رپورٽنگ جي حوالي سان آگاھي ڏني. ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو آھي تھ وومين ڪامپليڪس ٺاهڻ جو مقصد ملٽي پرپز آهي ھي ريسٽ روم نه آهي پر عورت صحافين جي ڪم جي جڳھھ ۽ سکڻ جي لاءِ بھ آھي، ھن چيو تھ هن ۾ مختلف پروگرام ڪرڻا آهن جيڪو سلسلو جاري رهندو، شعيب احمد وڌيڪ چيو تھ وومين ڪامپليڪس جي حوالي سان اڳوڻي ميمبر گورننگ باڊي ڪلثوم جهان به اهم ڪردار ادا ڪيو، پروفيسر شاهدا قاضي جي نالي هن ڪامپليڪس ۾ جرنلزم جي حوالي سان پروگرام ڪنداسين، ورڪشاپ جي حوالي سان سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب شعيب احمد چيو تھ اڄ اليڪشن رپورٽنگ جو اهم ورڪشاپ ٿيو ۽ عبدالجبار ناصر جو ڪم تمام بهترين آهي اليڪشن جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن وقت ڪڍيو اهو تمام اهم آهي عورت ميمبرن لاء رنگا رنگ پروگرام ڪنداسين. ڪراچي پريس ڪلب جي نائب صدر رشيد ميمڻ ورڪشاپ جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو تھ ڪي پي سي جي ڪوشش رهي آهي ته عورتن لاءِ ڪجهه ڪجي ھن چيو تھ وومين ڪامپليڪس گذريل باڊي ۾ جڏھن نائب صدر ھيس تھ مون تجويز ڏني ھئي تھ عورتن لاءِ ھجڻ گھرجي ۽ اڄ ھتي ھي وومين ڪامپليڪس آھي، ھن چيو تھ ڪي پي سي جو مقصدر آھي تھ اهڙو ماحول هجي جنهن ۾ صحافي طور ڪم ڪن ۽ سکن، ھن وڌيڪ چيو تھ نوان صحافي ٽارزن بنجي ڪاهي پوندا آهن انهن کي تربيت نه هوندي آهي، اليڪشن ۾ سينيئرن کان رهنمائي وٺڻ گهرجي، رشيد ميمڻ چونڊن دوران احتياط ڪرڻ جي حوالي سان ٻڌايو تھ اليڪشن ۾ اهلڪار هٿيار کڻي بيٺا هوندا آهن انهي ڪري احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ قانون تي عمل ڪندي رپورٽ ڪرڻ گھرجي، سپاهين سان بحث نه ڪرڻ گهرجي، عبدالجبار ناصر بهترين ڪم ڪيو آهي۽ سندس تربيت ۾ اهم ڪردار آهي. ورڪشاپ جي پڄاڻي تي ڪراچي پريس ڪلب جي نائب صدر رشيد ميمڻ ۽ سيڪرٽري شعيب احمد تربيتي ورڪشاپ ۾ شرڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ان موقعي تي گورننگ باڊي جا ميمبر شازيھ حسن، مونا صديقي، نور محمد ڪلھوڙو بھ موجود ھئا.