نوشھروفيروز جي اسٽار گرامر اسڪول سسٽم ۾ امن ۽ تعليم بابت ورڪشاپ

نوشھروفيروز جي اسٽار گرامر اسڪول سسٽم ۾ امن ۽ تعليم بابت ورڪشاپ

نوشھروفيروز جي اسٽار گرامر اسڪول سسٽم ۾ امن ۽ تعليم بابت ورڪشاپ

نوشهرو فيروز (ڊر) نوشهروفيروز جي اسٽار گرامر اسڪول سسٽم ۾ امن ۽ تعليم اداري پاران هڪ روزه ورڪشاپ ڪوٺايو ويو جنهن اسڪول جي شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ آرٽ جي ذريعي امن ۽ سلامتي لاء ڪم ڪيئن ٿو ڪري سگهجي مقابلو ڪرايو ويو انگيجنگ يوٿ ۽ چلڊرين پروجيڪٽ تحت آرٽ دي سائلنٽ ليگوجز آف پيس جي عنوان هيٺ ڪرايل پروگرام کي خطاب ڪندي اداري جي پرنسپال شاهد حسين سمون چيو ته پيس اينڊ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان امن ۽ سلامتي لاء ڪيئن ٿو ڪم ڪري سگهجي هي هڪ منفرد اسٽائيل سان ٻارڙن ۽ نوجوانن ۾ شعور آڻڻ وارو آئڊيو زبردست آهي جيڪو عمل ساراه جوڳو آهي هن چيو ته امن ۽ سلامتي لاء هڪ لک چوويهه هزار پيغمبرن کان علاوه آخري نبي حضرت محمد صلعم کان پوء شاه عبداللطيف ڀٽائيء به امن پيار ۽ محبت سلامتي جو پيغام ڏنو آهي ان لاء اسان سڀني کي گهرجي ته امن سلامتي ۽ ڀائيچاري سان رهون ۽ ان حوالي سان پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀايون ته جيئن امن ۽ سلامتي قائم رهي سگهي ان موقعي تي پروجيڪٽ جي ڪوآرڊينيٽر ميڊم ذويا لاڙڪ , سريا شبير عباسي , مس مهوش لاڙڪ , صابر حسين ونگاڻي , دانش علي سمون , انيس حسين لاڙڪ , شجا علي لاڙڪ مقابلي ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي شيلڊون , اسٽارس , گفٽس ,سرٽيفڪيٽس ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا