ڏوڪري ويجھو ھاءِ اسڪول جي عمارت تي مبينا فائرنگ، استادن ۽ شاگردن ۾ خوف

ڏوڪري ويجھو ھاءِ اسڪول جي عمارت تي مبينا فائرنگ، استادن ۽ شاگردن ۾ خوف

ڏوڪري ويجھو ھاءِ اسڪول جي عمارت تي مبينا فائرنگ، استادن ۽ شاگردن ۾ خوف

ڏوڪري (رپورٽر)ڏوڪري ويجھو ڳوٺ ڪاراڻي ۾ يو ايس ايڊ جي هاء اسڪول جي عمارت مٿان بااثر پاران فائرنگ ڪئي وئي, اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪندڙ استادن سميت شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ ڀاڄ پئجي ويو ۽ ھو معجزي طور محفوظ رهيا.جڏھن ته فائرنگ سبب اسڪول ۾ استادن سميت شاگردن ۾ خوف ۽حراس پکڙجي ويو, ان سلسلي ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر جميل احمد قاضي رابطي ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ جي بااثر ممتاز ڏهر اسڪول جي عمارت مٿان سڌي فائرنگ ڪئي آهي ۽ فائرنگ دوران گوليون اسڪولي عمارت جي درين کي لڳڻ ڪري درين جا شيشا پڻ ٽٽي پيا آهن,اسڪول مٿان فائرنگ ڪندڙ بااثر ممتاز ڏهر اسڪول جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن اسڪول جي عمارت اڳيان دڪان ٺهرائي ڇڏيا آهن ۽ اسڪول جا وڻ ڪٽائي ڇڏيا آهن جنهن جي خلاف پهريان بہ فتع پور ٿاڻي تي اين سي داخل ٿيل آهي, هن جو وڌيڪ چوڻ هوته واقعي جي اين سي بااثر ممتاز ڏهر خلاف حد جي فتع پور ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي.