ڏھرڪي ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ ٻٽو قتل، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل

ڏھرڪي ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ ٻٽو قتل، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل

ڏھرڪي ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ ٻٽو قتل، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل

ڏهرڪي ( عمران علي ملڪ ) ڏهرڪي ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام ٻٽو قتل، اطلاع تي کينجهو پوليس پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي HC، خبر موجب ڏهرڪي ڀرسان کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد شر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان سڌير ولد گل محمد چڍڙ ۽ ناري مهناز شر کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي کينجهو پوليس لاشن کي تحويل ۾ وٺي ڏهرڪي جي سول اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ قدير چڍڙ ٻڌايو ته بااثر غلام قادر شر، رزاق شر، رياض شر ۽ نياز شر منهنجي ڀاءُ سڌير چڍڙ کي ناحق قتل ڪيو آهي، اسان غلام قادر شر ۽ احمد شر وٽ گذريل 50 سالن کان هارپو ڪندا آهيون، اسان جي غلام قادر شر وارن سان ڪابه دشمني نه هئي، غلام قادر شر منهنجي ڀاءُ سڌير شر کي پنهنجي ڀائيٽي مهناز شر سان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي، منهنجي ناحق قتل ٿيل ڀاءُ جو خون لوڙهڻ لاءِ پنهنجي ڀائيٽي مهناز کي پڻ قتل ڪيو اٿن جيئن قدير چڍڙ جو خون لڙهي وڃي، هن ٻڌايو ته کينجهو پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪڏهن جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن آخري اطلاع تائين کينجهو پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ۽ نه ئي جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.