حب چوڪي وٽ ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب عورت ۽ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

حب چوڪي وٽ ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب عورت ۽ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

حب چوڪي وٽ ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب عورت ۽ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

بلوچستان جي شھر حب چونڪي کان رات دير سان لسٻيلا ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، رات دير سان مسافر ڪوچ حب چونڪي کان لسٻيلا وڃي رھي ھئي ڀڳل روڊ ھجڻ ڪري روڊ کان ڪوچ ھيٺ ڪلٽي کائي ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا 15 کان وڌيڪ ڪوچ ۾ فاٿل آھن جن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آھي ڪوچ مان ڪڍيل زخمي مسافرن کي لسٻيلا ۽ حب چونڪي اسپتالن ۾ پھچايو ويو آھي ۽ فوتين جا لاش بہ لسٻيلا اسپتال ۾ پيل آھن جن جي ھن وقت تائين سڃاڻپ نہ ٿي سگھي آھي