نئون ديرو جي ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان ڀٽا - کهڙا خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

نئون ديرو جي ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان ڀٽا - کهڙا خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

نئون ديرو جي ڪچي ۾ زمين جي مالڪي تان ڀٽا - کهڙا خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

نئون ديرو (رپورٽر) نئون ديرو ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان هلندڙ ڀٽا – کهڙا خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي پيو، ٻنهي ڌرين جي هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ، فائرنگ جي نتيجي ۾ کهڙا ڌر جا ٻه ڄڻا جمال کهڙو ۽ اختيار ملاح قتل ٿي ويا. واقعي جي اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ رواني. واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي ۽ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي. 3200 ايڪڙ ڪچي جي زمين جي مالڪيءَ تان مرحوم سردار ممتاز علي خان ڀٽو ۽ سردار اسد کهڙو جي ڌرين ۾ گذريل 11 ورهين کان تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 25 ڄڻا مارجي چڪا آهن جن ۾ کهڙن جي ڌر جا 17 ۽ ڀٽن جي ڌر جا 10 ڄڻا شامل آهن