ٺٽي ضلعي ۾ برسات سبب نديون نالا ۽ نئيون ڀرجي وهڻ لڳيون

ٺٽو شهر سميت ننڍن وڏن ۾ شھرن جي بازارن ۾ پاڻي بيهجي ويو

ٺٽي ضلعي ۾ برسات سبب نديون نالا ۽ نئيون ڀرجي وهڻ لڳيون

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي ضلعي ۾ مونسون جي برسات جی وسڪارن سبب نديون نالا نئيون برساتي پاڻي سان ڀرجي وهڻ لڳيون ٺٽو شهر سميت ننڍن وڏن ۾ شھرن جي بازارن ۾ پاڻي بهيجي ويو نڪاسي اب جو عمل شروع نه ٿيڻ سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي ويون جڏهن ته شهرن سميت ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن جو برسات سبب نظام زندگي مفلوج بڻجي پيو ٺٽو توڙي ان جي ڀرپاسي سميت ننڍن وڏن شهرن توڙي ڪوهستاني علائقن سميت ٺٽي جي ساحيلي علائقن ۾ گذريل چويهين ڪلاڪن کان برساتي سلسلو جاري هئڻ ۽ وقفي وفقي سان پوندڙ برسات سبب ڪوهستاني جي جابلو مٿاهون وارن علائقن کان برسات سبب نديون نالا وهڻ لڳا جنهن ڪري شهرن ڏانهن جابلو ماڻهن جو رابطو ڪٽيل رهيو هوڏانهن ٺٽي جي ساحيلي علائقن ڪيٽي بندر کاروڇاڻ گهوڙاٻاري ڳاڙهو ۾ به مونسون جي برسات جا وسڪارا جاري رهيا جنهن ڪري ڪچي وارا سمورا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچڻ ڪري ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو جڏهن ته ڍنڍون ڍورا برساتي پاڻي سان ڀرجي ويا جنهن ڪري ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي شديد مشڪلاتن کي مونهن ڏيڻون پئجي رهيو آهي جڏهن ٺٽو شهر سميت گجو گهارو مڪلي جي ڪچي وسندين ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڏي مشڪلات پيش اچي وئي سندن ڪکاون گهرن ۾ برسات جو پاڻي بهيجي ويو ان سان گڏ ٺٽو شهر جي بازار ۾ پڻ گوڏي جيڏو برساتي پاڻي بهيجي ويو جنهن سبب دڪاندارن ۽ شهرين جيء ڪاروبار شديد متاثر رهيو جڏهن بلديات کاتي جي طرفان شهر جي بازار مان برساتي پاڻي جي نڪاسي وارو عمل شروع نه ٿي سگهيو جنهن سبب مسلسل مونسون جي وڌيڪ برسات هلندڙ سلسلي سبب شهرين شديد مشڪلاتون درپيش اچڻ جو انديشو هو جڏهن محڪمه موسمات کاتي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي