سرڪاري ملازمن جي پينشن انهن جو بنيادي حق آ

عبدالوحيد عباسي

سرڪاري ملازمن جي پينشن انهن جو بنيادي حق آ

انٽر نيشنل عالمي قانون ۽ ضابطن مطابق پوري دنيا جي اندر سرڪاري ملازمن کي اهي بنيادي سهولتون مليل آهن ته انهن سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ بعد انهن کي ۽ انهن جي گهر وارين ۽ اولاد کي باحفاظت زندگي گذارڻ لاءِ پيرسني ضيعيف العمري دوران پينشن ايتري ڏني وڃي جيئن اهي پنهنجي پوئين زندگي بهتر کان بهتر گذاري سگهن، جيڪڏهن اسان جي مهانگائي واري ڏتڙيل سماج ۾ سرڪاري ملازمن کي پينشن مناسب انداز ۾ نٿي ڏني وڃي يا ڪنهن قسم جي ناجائز ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ سمجهو ته يورپين ملڪن جيان سڀ جو سڀ اولڊ هوم هائوس old home ۾ ترسائي ڪيترن انساني جانين سان کيڏيو ويندو، سڀ کي اها خبر آهي ڄاڻي ٿو ته ويچارو سرڪاري ملازم رٽائر ٿيڻ بعد يا ته پنهنجي اولاد نياڻين جي شادي ڏاج ۾، يا حج عمري جي سعادت لاءِ يا وري پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ وڏيون آسون اميدون رکندو آهي پر جيڪڏهن هي موجوده پينشن ريفارم جي نئين متعارف ڪرايل سرڪاري ملازم دشمن پاليسي ته سراسر ظلم زيادتي ۽ ملازمین مٿان ڏاڍ جبر ۽ کليل آمريت آهي. ان لاءِ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي مرڪزي سڏ تي سمورن سرڪاري کاتن جي ملازمن پاران پينشن اصلاحات جي نالي ۾ سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي معاشي قتل عام خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي، سنڌ جا سرڪاري ملازم ننڌڻڪا ۽ لاوارث ناهن اهي هن ملڪ پاڪستان جا رهواسي سٽيزن شهري آهن ، ملڪ جي آئين قانون ۾ اها ڳالهه واضع ۽ چٽي طرح آهي ته رياست جي هرهڪ سرڪاري ملازمن کي تحفظ، صحت، بنيادي حق ڏنا وڃن ۽ سرڪاري ملازم پنهنجي زندگيءَ جا 60 سال پنهنجي ادارن کي ارپي ٿو ۽ انهن سرڪاري ملازمن کي بي يارو مددگار ڪري نت نوان نادر شاهي حڪم ناما جاري ڪري سنڌ جي لکين سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل عام ڪرڻ جي سازش سٽي وئي آهي جيڪا ملازم کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. سنڌ جي سمورن سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ڪٽوتي ڪرڻ سراسر ظلم زيادتي ۽ معاشي قتل عام آهي. ان ۾ پوء پوليس ڊپارٽمينٽ جا سپاهي، جمعدار، ڊي ايس پي توڙي ايس ايس پي، ڊي آء جي ۽ آء سنڌ به هجن انهي ڪاري قانون جي عتاب جو شڪار بڻجي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ جي ٻين صوبن جي ملازمن جي لاءِ پينشن ڪٽوتي وارو اهو نادر شاهي حڪم ناهي ته پوءِ سنڌ جي لکين ملازمن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، سنڌ جا سرڪاري ملازم حڪومت سنڌ جي اهڙي ٻٽي قانون تي رنجيده ۽ ڏکايل آهن، سنڌ جي سرڪاري ملازمن جو پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف وقتن تي پرامن احتجاج به رهيو آهي ته ڊي آر اي الائونس جيڪو ٽنهي صوبن پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا کي به ڪافي سالن کان ملندو اچي ٿو اهو ڏنو وڃي، گروپ انشورنس، سن ڪوٽا، بينوولنٽ فنڊ، ھائوس رينٽ ۽ ميڊيڪل الائونس مهانگائي جي مطابق ڏنو وڃي، انهن مطالبن کي تسليم باوجود ويتر سنڌ سرڪار سڳوري پوري سنڌ جي سمورن مڪمل ملازمن جي پينشن جي ناجائز ڪٽوتي ڪرڻ جو جيڪو جابراڻو فيصلو ۽ نادر شاهي حڪم رات جي انڌيري ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي اهو پوري سنڌ جي لکين ملازمن سان گڏوگڏ انهن جي لکن جي تعداد ۾ فيمليز خاندانن سان آمرانہ جابرانہ غاضبانه عمل ورجايو ويو آهي جنهن جي سخت کان سخت لفظن ۾ مذمت ۽ مزاحمت جو سمورن ملازمن تنظيمن جي اڳواڻن سنڌ ايمپلائيز الائنس جي وسيع تر پليٽ فارم تان ڪري ڇڏيو آهي، پهرين کان 15 سيپٽمبر تائين سنڌ جي سمورين ڊويزنن کان شروع ٿيل سنڌ ايمپلائيز الائنس جي هلچل تحريڪ بعد ۾ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ هزارين نه پر لکن جي تعداد ۾ سنڌ پوليس کان ويندي استادن تائين ، ڪلارڪن کان ويندي ليڪچرارن، پروفيسرن، آفيس سپريٽنڊنٽ ،هيڊ ڪلارڪ، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، وڪيلن مقصد هر هڪ سنڌ جي ملازمن سان گڏ سنڌ جو سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي حلقا باشعور طبقو سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ناجائز ڪٽوتي خلاف ميدان عمل ۾ بيٺو نظر ايندو. جنهن لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه، ڪراچي بار ايسوسٔيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه محترم اياز لطيف پليجو، گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، پي ٽي آء سنڌ اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين کي پڻ ملازم اتحاد سنڌ ايمپلائيز الائنس جي قيادت اپيل ڪئي آهي ته اهي سنڌ جي لکين سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ناجائز ڪٽوتي خلاف اسان جي اخلاقي سپورٽ ڪري حڪومت سنڌ کي محسوس ڪرايو وڃي ته سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي.