فريال ٽالپر جي صدارت ۾ زرداري هائوس ڪراچي ۾ پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي تنظيم بابت اهم اجلاس

فريال ٽالپر جي صدارت ۾ زرداري هائوس ڪراچي ۾ پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي تنظيم بابت اهم اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي محترمه فريال ٽالپور جي صدارت هيٺ زرداري هائوس ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڊويزن ميرپورخاص جي ضلع عمرڪوٽ بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر ايم پي اي نثار احمد کهڙو، جنرل سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي، ڪوآرڊينيشن سيڪريٽري نعمان شيخ، ڊويزن ميرپورخاص جو صدر ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، جنرل سيڪريٽري صوبائي وزير مير طارق ٽالپور، ڊويزن انفارميشن سيڪريٽري تيمور مهر، ضلع عمرڪوٽ جو صدر ڊاڪٽر سيد نور علي شاه، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو ۽ انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گهنشام راٺور شرڪت ڪئي، اجلاس دوران ضلع عمرڪوٽ ۾ موجوده تنظيم سازي، پارٽي جي مضبوطي ۽ جاري ترقياتي ڪم تي تفصيلي بحث ڪيو ويو، اڳواڻن واضح ڪيو ته عوامي خدمت ۽ پارٽي جي شعبي کي وڌيڪَ مضبوط ڪرڻ لاءِ هر سطح تي سرگرم ڪردار ادا ڪيو ويندو، اجلاس ۾ ضلع عمرڪوٽ ۾ ترقياتي منصوبن کي تيز ڪرڻ ۽ پارٽي ڪارڪنن جي ڀرپور رابطن کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا به ڪيا ويا.