موهن جو دڙو ڀرسان ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن جي شرڪت

موهن جو دڙو ڀرسان ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن جي شرڪت

موهن جو دڙو ڀرسان ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن جي شرڪت

موهن جو دڙو(رپورٽر)موهن جو دڙو ڀرسان ڪوڏي ڪوڏي راند،گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن ۾ مقابلو،گهوٽڪي جي رانديگرن ميدان ماري ورتو،انعام تقسيم تفصيل موجب موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٽاٽڙي ۾ ڪوڏي ڪوڏي راند جا مقابلا ڪرايا ويا جنهن ۾ گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي رانديگرن جي ٻن ٽيمن ۾ زبردست مقابلو ٿيو گهوٽڪي جي رانديگرن جي ٽيم زبردست مقابلي بعد لاڙڪاڻي جي ٽيم کي شڪست ڏئي سوڀاري بڻجي وئي ڪوڏي ڪوڏي راند ۾ ٻنهي ٽيمن جي امجد کهڙو علي پنجابي ممتاز شيخ بشير کهڙو گلبهار پتافي امانت پنجابي وقار مگسي عبدالعزيز سنگهڙ غوث بخش چاچڙ ارباب حسين سنگهڙ اسد چاچڙ منصور مهر امان الله سنگهڙ ۽ ٻين رانديگرن بهترين مقابلو ڏيکاريو مئچ جي آرگنائيزر حاجي عزيز ٽاٽڙي امداد علي ٽاٽڙي حسين ٽاٽڙي ۽ ٻين کٽيندڙ ٽيم جي رانديگرن کي روڪ رقم ۽ ٻيا انعام ڏنا جڏھن ته ڪوڏي ڪوڏي راند جي ڪمپئرنگ سنڌ جي مشهور ڪمپئرنگ ذوالفقار جهتيال ڪئي ان موقعي تي آرگنائيزرن جو چوڻ ھو ته ڪوڏي ڪوڏي راند سنڌ جي مشھور راند آھي راند جي شوقينن جي دلچسپي سبب هي مئچ ڪرائي آھي هنن چيو ته رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو آھي راند ڏسڻ لاء آيل شوقينن چيو ته اهڙيون رانديون ٿيڻ گهرجن هنن چيو ته ڪوڏي ڪوڏي راند کي سڄي سنڌ ۾ شوقين پسند ڪندا آھن هنن چيو ته ڪوڏي ڪوڏي راند ماضي جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ گهٽ ٿين ٿيون جنهن ڪري ڪوڏي ڪوڏي راند جا شوقين گهڻو مايوس ٿين ٿا.ان موقعي تي رانديگرن چيو ته ڪوڏي ڪوڏي راند سنڌ جي ثقافتي راند آھي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن راند کي سرڪاري سطح تي هٿي وٺرائڻ لاء سنڌ حڪومت پاران ڪي به قدم نٿا کنيا وڃن هنن وڌيڪ چيو ته هن راند ۾ چستي ۽ چالاڪي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو آھي اڪثر ڪري رانديگرن کي ڌڪ به لڳندا آھن پوء به هن راند جي شوق کي برقرار رکڻ لاء هي رانديون ٿي رهيون آھن هنن چيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هن راند کي اجاگر ڪرڻ لاء رانديگرن جي سهائتا ڪئي وڃي.ان موقعي تي جي ايم جهتيال شاهنواز جهتيال معشوق ٽاٽڙي علي نواز ٽاٽڙي محمد اسلم جهتيال محمد ابراهيم جهتيال حافظ نذير ٽاٽڙي قربان علي بروهي محمد مٺل سومرو خادم جکرو دلدار ٽاٽڙي حاجي دلمراد جهتيال نبي بخش ٽاٽڙي منظور ڀٽو شاهن پتافي ۽ ٻيا موجود هئا.