ھڱورجا: ڳوٺ سائينداد ڏھر واسي نوجوان 8 ڏينھن کان پراسرار نموني گم. وارثن پاران اغوا جو شڪ

ھڱورجا: ڳوٺ سائينداد ڏھر واسي نوجوان 8 ڏينھن کان پراسرار نموني گم. وارثن پاران اغوا جو شڪ

ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا جي ڳوٺ سائينداد ڏھر جو رھواسي نوجوان 8 ڏينھن کان پراسرار نموني گم. وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر.شڪ ۾ ھڪ ماڻھو گرفتار بہ ٿيو پر پوليس ان کي آزاد ڪري ڇڏيو وارثن جو احتجاج تفصيل موجب ھنڱورجا جي ڳوٺ سائينداد ڏھر جو رھواسي نوجوان 28 سالا صدام حسين ڏھر ولد محمد يوسف ڏھر 8 ڏينھن اڳ ڀرواري ڳوٺ امام بخش ڏھر ۾ شادي جي دعوت تي ويل ھيو جيڪو پراسرار نموني گم آھي ۽ اڃان تائين گھر ناھي پھتو نوجوان جي وارثن ڀاء ثناء الله ڏھر عبدالرزاق ڏھر جنسار علي ڏھر پريس ڪلب پھچي دانھيو آھي تہ اسان جو نوجوان پراسرار نموني 8 ڏينھن کان گم آھي اسان کي شڪ آھي ت ڪٿي ظالمن کيس کي اغوا نہ ڪيو ھجي. ھنن چيو تہ اسان ھنڱورجا ٿاڻي تي رپورٽ ب درج ڪرائي آھي ۽ شڪ ۾ ھڪ ڄڻي گدا حسين ڏھر کي گرفتار بہ ڪرايو ھيو پر پوليس ان کي پڇا ڪرڻ کانسواء آزاد ڪري ڇڏيو آھي ھنن پوليس جي اعلي اختيارين ۽ انساني حقن جي لاء ڪم ڪندڙ تنظيمن کي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.