گڏاپ ۾ ٽريفڪ پوليس خلاف ايوب ڳوٺ پل وٽ رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

گڏاپ ۾ ٽريفڪ پوليس خلاف ايوب ڳوٺ پل وٽ رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

گڏاپ ۾ ٽريفڪ پوليس خلاف ايوب ڳوٺ پل وٽ رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)نيو ڪراچي ٽريفڪ پوليس اھلڪارن پاران رڪشن جا ناجائز چالان ڪٽي گاڏيون گم ڪرڻ خلاف مزدورن جو ايوب ڳوٺ پل وٽ رڪشا بيھاري ايس او ٽريفڪ نياز حسين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کان روزگار کسڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ايس او ٽريفڪ پوليس نياز حسين ڌارين جي ونگار وهندي اسان جي روٽ تي ھلندڙ رڪشن جا ناجائز چالان ڪٽي اسان کي پريشان ڪري رھيو آھي. جمع خان برفت/ خالد کوکر تفصيل موجب ڪراچي. نور خان ڳوٺ کان لياقت آباد تائين ھلندڙ جي ون رڪشا ڊرائيورن علي چانڊيو. خالد کوکر. جمع خان برفت. سھيل پنجابي. وحيد بروهي. علي چانڊيو. علي رضا ملنگاڻي. شاڪر. منو راجپوت. غلام مصطفي پٺاڻ. جو ايس او ٽريفڪ جي ناجائزين خلاف ايوب ڳوٺ پل تي رڪشا بيھاري احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاھرين ۾ شامل مزدورن ايس او ٽريفڪ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسين ھتان جا مقامي ماڻهو آھيون اسان لاء ڪراچي ۾ روزگار جا ذريعا بند ڪرڻ جي سازشون تي رھيون آھن. ھنن چيو ته اسان ھتي سالن کان آباد آھيون. ٻاھران آيل ڌارين کي سھولتون ڏنيون پيو وڃن. ھتي بس جا اڏا توڙي رڪشن جا روٽ ڌارين جا کليل آھن پر اسان ڌرتي ڌڻين جو جيڪو نور خان ڳوٺ کان لياقت آباد ھلندڙ آھي ان تي به ايس او ٽريفڪ نيو ڪراچي نياز حسين ڌارين کان ڳري رشوت عيوض اسان لاء رڻ ٻاري ڏنو آھي. روزانہ اسان جي رڪشن جا ناجائز ڳرا چالان 5020 روپيه ڪٽي اسان کي فاڪا ڪشي طرف ڌڪي رھيو آھي. اسين روزانه رڪشي جو ھڪ ھزار روپيه ڪرايو ادا ڪيون ٿا مٿان ڳرا چالان ڪٿان ڀريون. ھنن چيو ته ايس او ٽريفڪ نياز حسين جي ٿري روٽ جي مالڪن شھزاد پٺاڻ کان ڳري رشوت وٺي اسان جي روٽ کي ختم ڪرڻ لاء دٻاءُ پيو وجھي. اسين ڪنھن بہ صورت ۾ پنھنجو روٽ ختم نه ڪنداسين. مظاھرين نگران وزير اعلي سنڌ. گورنر سنڌ. ٽرانسپورٽ جي وزير. آئي جي سنڌ. ڊي آئي جي ٽريفڪ. ايس ايس پي ٽريفڪ کان ايس او ٽريفڪ نيو ڪراچي نياز حسين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.