ملڪ ۾ غريب ۽ امير لاءِ الڳ الڳ قانون مسئلن جي جڙ آهي: محمد حسين محنتي

ملڪ ۾ غريب ۽ امير لاءِ الڳ الڳ قانون مسئلن جي جڙ آهي: محمد حسين محنتي

ملڪ ۾ غريب ۽ امير لاءِ الڳ الڳ قانون مسئلن جي جڙ آهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حڪومتي نااهلي ۽ مفاد پرستي وارين پاليسين توڙي ڪرپشن جي ڪري هر شعبو تباهي جي وَرچڙهيل آهي، دهشتگردي، مهانگائي جي خاتمي توڙي معيشت جي بحالي لاءِ لازم آهي ته وياج واري نظام کان نجات، پيٽرول، گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ قومي مفاد مطابق پاليسيون جوڙيون وڃن. فوجي عدالتن ۾ عام شهرين خلاف ڪيس هلائڻ جي جازت ڏيڻ جمهوريت جي نفي آهي، ڪنهن به مهذب ملڪ ۾ سولين خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، غريب ۽ امير لاءِ الڳ الڳ قانون مسئلن جي پاڙ آهي، جتي بجلي چور خلاف ايف آءِ آر ۽ گرفتاري ٿئي ٿي، پر قومي خزاني جي ڦُرلُٽ ڪرڻ وارن کي مڪمل آزادي آهي، اهڙن ماڻهن خلاف سياست ڪرڻ جي تاحيات پابندي لڳائڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي جي صوبائي دفتر قباء آڊيٽوريم ۾ پاڪستان پولٽري ويلفيئر ايسوسي ايشن جي صدر عقيل احمد خان جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته اڄ پاڪ وطن جنهن معاشي ۽ سياسي گهوٽالي جو شڪار آهي ان جو واحد حل مخلص ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ آهي.