اياز لطيف پليجي پاران پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي ڳڻتي ظاھر

اياز لطيف پليجي پاران پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي ڳڻتي ظاھر

اياز لطيف پليجي پاران پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي ڳڻتي ظاھر

حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پاڪستان ۾ ڪرپشن بابت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ ڪرپشن ملڪ جي پاڙن کي ڪمزور ڪري رھي آھي. ڪرپٽ ماڻھو پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪري رھيا آھن. پوليس، عدليہ، تعليم، صحت سميت ھر کاتو ڪرپشن جي دلدل ۾ ٻڏل ھجڻ ڪري عوام بنيادي حقن ۽ انصاف کان محروم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪمرانيءَ سنڌ جي سمورن ادارن جي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. ڪرپشن جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪري سنڌ جي وسيلن ۽ عوام کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن انصاف ۾ رڪاوٽ آھي. ملڪ جو غريب عوام، پورھيت، ھاري ۽ مزدور انصاف لاءِ سڀ کان پھرين پوليس وٽ وڃن ٿا پر اتي رشوت کانسواءِ ڪنھن جي فرياد بہ نٿي ورتي وڃي. سرڪاري اسپتالن ۾ معياري علاج ناھي، جنھن ڪري جن وٽ پئسا ناھن، اھي ماڻھو تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جي حالت خراب ھجڻ ڪري پرائيويٽ تعليمي ادارا وڌي ويا آھن، جتي حڪمران طبقي، آفيسرن ۽ وڏن ماڻھن جا ٻار پڙھن ٿا، باقي جن وٽ پئسا ناھن انھن جا ٻار معياري تعليم کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن جي ڪري غير قانوني پرڏيھي ڪرپٽ آفيسرن ذريعي شناختي ڪارڊ کان وٺي ھر ڪاغذ ٺھرائين ٿا. دھشتگرد قانون جي پڪڙ کان پري رھن ٿا. ڪرپشن ۽ دھشتگردي ھڪ ئي سڪي جا ٻہ پاسا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جون سرڪاري زمينون بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن. نگران حڪومت کي تہ ڇا ڪنھن چونڊيل حڪومت جي بہ سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو اختيار ناھي.