شڪارپور پوليس جون مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون، 12 جوابدار گرفتار

شڪارپور پوليس جون مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون، 12 جوابدار گرفتار

شڪارپور پوليس جون مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون، 12 جوابدار گرفتار

شڪارپور ( احسان ابڙو ) اسمگلنگ جي خلاف شڪارپور پوليس جون مختلف هنڌن تي ڪارروايون، 08 ٽرڪن مان ٻه هزار غير قانوني تيل ليٽر هٿ، 12 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران جاري ڪيل هدايتن عملدرآمد ڪندي ٿاڻي نيوفوجداري، رستم ۽ لوڊرا پوليس جي غير قانوني تيل اسمگلنگ خلاف ايڪشن ٿاڻي نيوفوجداري ايس ايڇ او نيو فوجداري سرتاج احمد جاگيراڻي پنهنجي اسٽاف سميت ڪامياب ڪارروائي. چيڪنگ دوران جنو باءِ پاس وٽ ڪاروائي, هڪ ٽرڪ مان 300 ليٽر هٿ، هڪ جوابدار اشفاق احمد جٽ ملتان جي رهائشي کي گرفتار ڪيو ويو. ٿاڻي رستم ايس ايڇ او رستم خليل احمد رند پنهنجي اسٽاف سميت ڪامياب ڪارروائي.چيڪنگ دوران رستم روڊ نزد لٻاڻو شاخ تي ڪاروائي ڪري 02 ٽرڪن مان 450 ليٽر هٿ ڪري 02 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالستار ولد عبدالغفور ۽ عمران احمد ولد محمد عظيم جي نالن سان ٿي آهي.ٿاڻو لوڊراايس ايڇ او لوڊرا حضور بخش جوڻيجو پنهنجي ٽيم سان گڏ سنيپ چيڪنگ دوران مختلف هنڌن تي ڪارروايون. پوليس ٽيم ڳجهي اطلاع تي جيڪب آباد روڊ، چوئي شاخ ۽ سوره موري وٽ ڪارروائي ڪري 05 ٽرڪن مان 1250 ليٽر تيل هٿ ڪري 09 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ رحيم بخش، شاهد، علي محمد، آصف، علي حسن، گل حسن، علي مراد، محمد رفيق ۽ جان محمد بروهي طور ٿي آهي.گرفتار جوابدار غير قانوني تيل اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، گرفتار جوابدارن وٽان 08 ٽرڪون پوليس تحويل ۾ وٺي سندن جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.